اسل??م آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي شق 137 تحت سمورن پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن لاءِ لازم آهي ته اهي پنهنجا، سندن ڪٽنبن جي اثاثن ۽ رهتن جا مالي گوشوارا سال 24-2023ع جا تجويز ڪيل فارم بي مق??ر ڪيل تاريخ کان پهرين يا31 ڊسمبر 2024ع تائين اليڪشن ڪميشن وٽ جم?? ڪرائين. اليڪشن ڪميشن مطابق سيڪشن 137 تحت ا??اث?? ۽ بقايائن جا گوشوارا فراهم ڪرڻ لازمي آهن، هر اسيمبلي ميمبر 30 جون تائين پنهنجا ۽ سندن ڪفالت هيٺ فيملي ميمبرن جا ا??اث?? ۽ بقايائن جا گوشوارا تجويز ڪيل فارم بي هر سال 31 ڊسمبر کان پهرين يا 31 ڊسمبر تائين اليڪشن ڪميشن وٽ جم?? ڪرائي. سيڪشن 137 جي ذيلي شق (2) تحت هر سال پهرين جنوريءَ جي مق??ر تاريخ تائين گهربل گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جا نالا هڪ پريس رليز ۾ شايع ڪيا ويندا. 16 جنوريءَ تي هڪ حڪم تحت ڪميشن 15 جنوريءَ تائين ڄاڻايل گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن رڪنيت معطل ڪئي ويندي ۽ ڄاڻايل گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تائين اهي پارليامينٽ ۽ اسيمبلي جي ڪنهن به ڪارروائيءَ ۾ حصو نه وٺي سگهندا. ان حوالي سان تيار ڪيل هدايت نامو/رهنمائي سان مق??ر فارم بي اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ اسل??م آباد، لاڳاپيل صوبائي اليڪشن ڪمشنر جي آفيس، سينيٽ سيڪريٽريٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيڪريٽريٽ مان مفت حاصل ڪري سگهجن ٿا. ان کان علاوه اليڪشن ڪميشن جي ويب سائٽ تان به ڊائون لوڊ ڪري سگهجن ٿا.
پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي اثاثن ۽ بقايائن جا گوشوارا جمع ڪرائڻ جي حتمي تاريخ 31 ڊسمبر آهي: اليڪشن ڪميشن
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری