گڏيل قومون -26 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل جوائس مسويا چيو آهي، ته ??وڊ??ن ۾ ويڙهه انساني بحران کي تباهي ۾ تبديل ڪري رهي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن سلامتي ڪائونسل کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 15 اپريل کان ??وڊ??ن ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ??وڊ??ن جي ه??ياربند فوج ۽ ريپڊ سپورٽ فورسز وچ ۾ چڪريون شروع ٿيون هيون، اهي عام شهرين ۽ امدادي ڪارڪنن لاءِ هڪ ڀوائتو خواب آهن. هن چيو ته هن وقت ??وڊ??ن ۾ 15.8 ملين فردن کي امداد جي سخت ضرورت آهي. هن خبردار ڪيو ته اهو تڪرار نه رڳو انهن ضرورتن کي وڌائي رهيو آهي، پر ان تڪرار وڏي پئماني تي امدادي ڪارروائين ۾ رڪاوٽ پڻ وڌي آهي، جنهن سان انساني حياتين کي شديد خطرو درپيش آهي. هن چيو ته 450 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چ??ا آهن ۽ 4 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. گادي واري شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 اسپتالن کي نقصان پهتو آهي ۽ فوجي استعمال يا وسيلن جي کوٽ سبب انهن کي بند ڪ??ڻو پيو آهي. بجلي جي جي اڻهوند ۽ ٻارڻ جي کوٽ سبب ويڪسين جي ذخيري ۽ پاڻي جي فراهمي کي نقصان پهچڻ جو پڻ خطرو آهي، جيڪو بيماري جي پکڙجڻ جو خدشو آهي. هن ٻڌايو ته جنسي بنيا??ن جي حوالي سان ڪيتريون ئي پرتشدد رپورٽ سامهون آيون آهن. هن چيو ته دماغي صحت ۽ نفسياتي ڀلائي خاص طور تي ٻارن ۾ ناقابل تصور آهن.
سوڊان ۾ ويڙهه انساني بحران کي تباهي ۾ تبديل ڪرڻ لڳي، 450 ماڻهو فوت ۽ 4 هزار زخمي ٿيا آهن: گڏيل قومن جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم