سيئول-11 ڊسمبر (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا پوليس ??ي خاص جاچ ٽيم يونٽ چيو آهي ته هن صدر يون سوڪ يول جي آفيس ??ي ڇاپو هنيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب گذريل هفتي صدر يون سوڪ يول ملڪ ۾ مارشل لا لڳايو هو، جڏهن ته مخالف ڌر پاران مخالفت جي ڪجهه ڪلاڪن اندر مارشل لا ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو. پوليس موجب خاص جاچ ٽيم صدارتي آفيس، نيشنل پوليس ??يجنسي، سيئول ميٽرو پوليٽن پوليس ??يجنسي ۽ نيشنل اسيمبلي سيڪيورٽي سروس جي آفيس ??ي ڇاپو هنيو. مارشل لا لڳائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندڙ صدر يون سوڪ يول تي اڳ ئي پرڏيهه سفر تي پابندي لڳائي وئي آهي. پوليس گذريل ڏينهن اختيارن جي غلط استعمال جي الزام ۾ اڳوڻي دفاع واري و??ير ڪم يونگ هيون کي گرفتار ڪيو هو. خابرو اداري موجب ڪم يونگ هيون گرفتار جي ڪجهه ڪلاڪن کان اڳ آپگهات جي ڪوشش ڪئي. سيئول سينٽرل ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جي ترجمان ٻڌايو ته دفاع واري و??ير کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ڳالهه جو خدشو هو ته ثبوتن کي ضايع ڪري سگهي پيو. دفاع واري و??ير پنهجي وڪيل ذريعي چيو آهي ته سموري صورتحال جي ذميوراي صرف ان تي آهي ۽ ماتحت ملازم سندس حڪمن تي عملدرآمد ڪري رهيا ??ئا. گرفتار ڪيل دفاع واري وزير، مارشل لا آپريشن جي انچارج ۽ اڳوڻي گهرو و??ير تي پڻ سفري پابندي لڳائي وئي آهي. ڪورين نيشنل پوليس ??يجنسي جي ڪمشنر جنرل ۽ سيئول ميٽرو پوليٽ??ن پوليس ??يجنسي جي سربراهه کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڏکڻ ڪورين صدر جي آفيس تي پوليس جو ڇاپو، دفاع واري اڳوڻي وزير پاران آپگهات جي ڪوشش
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج