اسلام آباد(اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته والاريل ڪشمير دنيا جو سڀ کان وڏو فوجي زون بڻج?? چڪو آهي، هتي مقرر ڀارتي فورسز جو انگ 10 لک کان وڌ?? چڪو آهي، عالمي برادري بي گناهه ڪشميرين تي ڀارتي ??لم ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي. پاڪستان ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرديءَ جو شڪار آهي، چين پاڪستان جو پُراڻو دوست آهي ۽ سي پيڪ اقتصادي لحاظ کان سڄي خطي لاءِ هاڪاري تبديلي آڻيندي. اهڙو اظهار پرڏيهي آفيس جي ترجمان محمد نفيس زڪريا هفتيوار پريس بريفنگ دوران صحافين جي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. ترجمان چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير دنيا جو سڀ کان وڏو فوجي زون بڻج?? چڪو آهي جتي ڀارتي فورسز جو انگ 10 لک کان به وڌ?? چڪو آهي. ترجمان چيو ته ڀارت جيتري مرضي طاقت جو استعمال ڪري ڪشميرين ڀارتي تسلط ما?? آزاديءَ جو عزم ڪري رکيو آهي، هاڻي ته ڀارت جي اندر به والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين خلاف آواز اُٿي رهيو آهي.
سي پيڪ اقتصادي لحاظ کان خطي لاءِ هاڪاري تبديلي آڻيندي: پرڏيهي آفيس جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج