اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عبا??ي چيو آهي ته قبائلي علائقن جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، موجوده حڪومت پهريون ڀيرو فاٽا جي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ??وشش ڪئي، فاٽا سڌارن ??ي عمل کي علائقي ??ي عوام جي خواهش?? موجب پڄاڻي تائين پهچايو ويندو. هن اها ڳالهه قبائلي علائقن جي مختلف ايجنسيز سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جي صدرن، نائب صدرن جنرل سيڪريٽريز تي ٻڌل وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت سيفران واري مملڪتي وزير غالب خان ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ فاٽا سڌارن، قبائلي علائقن جي تعمير ۽ ترقي ۽ علائقي جي لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عبا??ي چيو ته قبائلي علائقن ??ي عوام جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز