اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پرويز مشرف جي وطن واپسي جي خاطري تي حڪومتي ادارن کي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي، 600 اي سي ايل ڪيسز ڪابينا جي منظوري لاءِ موڪليا ويا آهن، ڪالهه جمعي ڏينهن گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب وفاقي گهرو وزير احسن اقبال صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پرويز مشرف نه آيو ته خصوصي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد شروع ٿي ويندو، هن چ??و ته نواز شريف خاندان ۽ اسحاق ڊار جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو ڪيس ڪابينا ڏانهن موڪليو ويو آهي، سپريم ڪورٽ جي 2016ع ??ي فيصلي جي روشني ۾ اي سي ايل جي سمورن ڪيسن جي ڪابينا کان منظوري لازمي آهي، هن چ??و ته چوڌري نثار جي دور ۾ طريقيڪار ۾ تبديلي ٿيڻي هئي جيڪا نه ڪئي وئي ۽ پراڻو طريقيڪار جاري رهيو، گهرو وزير چيو ته چوڌري نثار جي دور جي سمورن ۽ تازن اي سي ايل جي ڪيسن ۾ منظوري ڪابينا کان ڪرائي ويندي، هن چ??و ته گهرو وزارت جا فيصلا ڪٿي ٻي جاءِ تي نٿا ٿين پر آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڪيا وڃن ٿا.
پرويز مشرف وطن واپسي جي خاطري ڪرائي آهي: گهرو وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا