اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) پاڻي وسيلن واري نگران وف??قي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته ملڪ ۾ پاڻي جي بحران واري صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي پاڻي پاليسي تي عملدرآمد جي لاءِ رهنما اصولن تي ٻڌل مسودو جوڙيو وڃي. هو نيشنل واٽر ٽاسڪ فورس جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ حڪومتي ادارن جي واٽر سي??ٽر جي اعليٰ عملدارن ۽ پاڻي شعبي ۾ وسيع تجربو رکندڙ تعليمي ماهرن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نگران وف??قي وزير اعليٰ سطحي قومي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، جيڪو ملڪ ۾ پاڻي جي تحفظ لاءِ روڊ ميپ تي??ر ڪري. واضح رهي ته 1947ع ۾ پاڪستان ۾ في ڪس ساليانو پاڻي جي دستيابي 5 هزار 260 ڪيوبڪ ميٽر هئي جيڪا 2018ع ۾ هڪ هز??ر ڪيوبڪ ميٽر کان به گهٽ سطح تي اچي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2