اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪش??ير تي پاڪستان جي سياسي قيادت متفق راءِ رکي ٿي، پوري پاڪستاني قوم ڀارت جي قدم جي مذمت ڪندي ڪش??يرين سان يڪجهتي جو ڀرپور اظهار ڪيو، ڀارت هاڻي انڊيا بدران هنديا بڻجي چڪو آهي، جيڪا گانڌي ۽ نهرو جي فلسفي جي نفي آهي، ڪش??يرين جي دل ڀارت کان تنگ ٿي چڪا آهن، اهي شڪست کائي چڪا آهن، خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪش??يرين سان گڏ بيٺل آهيون، ڪش??ير انشاءَالله آزاد ٿيندو ۽ پاڪستان جو حصو بڻجندو. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳ??له??ئيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪش??ير تي خاص سيشن منعقد ڪرڻ خوش آئنده آهي، اهو خوش آئنده آهي ته ڪش??ير تي سياسي قيادت متفق راءِ رکي ٿي، مخالف ڌر جا ٿورا مڃان ٿو جنهن فهم ۽ فراست ۽ دورانديشي جو مظاهرو ڪيو ۽ سياست کان ڪش??ير مسئلي کي مٿانهون رکيو ۽ تنقيد ۾ به تعمير جو پهلو آهي جنهن جو مقصد بهتر طريقي سان ان معاملي تي اڳڀرائي ڪرڻ آهي، اڄ پوري پاڪستاني قوم جا ٿورا مڃان ٿو جنهن ڪش??ير ڪاز سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. سڄي ملڪ ۾ ڀارت جي 5 آگسٽ جي قدم جي مذمت ڪئي وئي آهي، ننڍن ننڍن ڳوٺن سميت ٿر ۾ به سوين ماڻهو ڀارت جي مذمت ۾ نڪتا آهن، نه رڳو اندرون پر ٻاهرئين ملڪ به پروگرام منعقد ڪيا ويا آهن، پاڪستاني سفارتخانن ۽ مشنز کي متحرڪ ڪيو ويو آهي، ڀارت 5 آگسٽ تي وڏي حماقت جو مظاهرو ڪيو ان جي قدم س??ن سڄي دنيا ۾ اهو مسئلو اجاگر ٿيو، ڀارت جي قدم جي خلاف سڄي دنيا جي م??ڊي?? ۾ مضمون شايع ٿيا، پاڪستاني قوم 5 آگسٽ جي ڀارتي قدم کي رد ڪري ڇڏيو آهي، مظفرآباد ۾ سمورين سياسي پارٽين وزيراعظم س??ن يڪجهتي جو پيغام ڏنو آهي، ڀارت جي اندران تنقيدي آواز اٿي رهيا آهن، مودي جي پاليسي کي پاڻ ڀارت جي اندر ناڪام چيو پيو وڃي، ڀارت هاڻي انڊيا مان هنديا بڻجي چڪو آهي، اها گانڌي ۽ نهرو جي فلسفي جي نفي آهي، مودي بابري مسجد جي جڳهه تي رام مندر جو بنياد رکي رهيو آهي، آئون اميد ڪريان ٿو ته پوري مسلمان امت ان جي مذمت ڪندي، والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو کي هڪ سال گذري ويو، اڄ به انساني حق معطل آهن، م??ڊي?? تي پابنديون آهن، عالمي ادارن کي داخلا جي اجازت نه آهي، نسل ڪش?? ڪئي پئي وڃي، ڀارت شڪست کائي چڪو آهي، ڪش??يرين جا دل ڀارت کان تنگ ٿي چڪا آهن، اسان ٻيهر سلامتي ڪائونسل ۾ اهو مسئلو اٿاري رهيا آهيون، پاڪستان جي نئين نقشي کي سڀني متفقه طور تي منظور ڪيو آهي، ڪش??يرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين انهن سان گڏ بيٺل آهيون، ڪش??ير انشاءَ الله آزاد ٿيندو ۽ پاڪستان بڻجندو.
ڪشمير تي پاڪستان جي سياسي قيادت متفق راءِ رکي ٿي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ