باڪو – 27 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??سد قيصر چيو آهي ته آذربائيجان ۽ پاڪستان گڏيل مذهب، اخوت، تاريخ، ثقافت ۽ روايتن جي مضبوط رشتن ۾ ٻڌل آهن، پارلياماني سفارتڪاري جي فروغ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي گڏيل لاڳاپن ۾ اضافو ٿيندو. اه??ن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي صدر الهام عليوو سان باڪو ۾ صدارتي محل ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اسپيڪر ??سد قيصر سان گڏ پاڪستان جي پارليامين وفد جا ميمبر به موجود هئا، اسپيڪر ??سد قيصر چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان توانائي، واپار ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين اقتصادي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، هن ڪشمير مسئلي تي آذربائيجان جي اڻٽر حمايت آذربائيجان جي صدر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ کيس والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالين کان آگاهه ڪيو. هن آذربائيجان جي صدر ۽ عوام کي آرمينيا سان ٿيندڙ جنگ ۾ فتح تي مبارڪباد ڏني، هن ٻ??رفي واپاري ماپي ۾ اضافي لاءِ ٻنهي ملڪن جي واپار واري وزارت جو جوائنٽ ورڪنگ گروپ جوڙڻ جي تجويز ڏني. هن آذربائيجان جي صدر کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ مجلس شوريٰ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪرڻ به دعوت ڏني. آذربائيجان جي صدر الهام عليوو چيو ته آذربائيجان ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف سان گڏ بيٺل آهي ۽ سمورن علائقائي ۽ عالمي فورمن تي پاڪستان جي موقف جي حمايت جاري رکندو.
آذربائيجان ۽ پاڪستان گڏيل مذهب، اخوت، تاريخ، ثقافت ۽ روايتن جي مضبوط رشتن ۾ ٻڌل آهن: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز