اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان هن وقت پاڪستان ۾ واحد اڳواڻ آهي جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ موسمياتي ??بد??لي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي قدمن، پاڻي جي ذخيرن ۽ سستي پن بجلي ٺاهڻ جي منصوبن تي ڪاربند آ??ي. تاريخ گواهه آهي ته 1967ع کانپوءِ پاڪستان ۾ وڏا ڊيم نه ٺهي سگهيا، تربيلا جو پنجون توسيع منصوبو 807 بلين ڊالر جي لاڳت سان 2024ع ۾ مڪمل ٿيندو ان منصوبي جي ڪري تربيلا ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 4 هزار 888 ميگاواٽ کان وڌي 6 هزار 418 ميگاواٽ ٿي ويندي. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ماضي ۾ پاڻي جي ذخيرن تي اهڙي طرح جو ڪم ناهي ٿيو، وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ پاڻي ذخيرن جي منصوبن ۾ گِهري دلچسپي وٺي رهيو آهي. هن چيو ته ديامرڀاشا ڊيم، داسو هائيڊرو پاور، مهمند ڊيم، هريپور پاور پراجيڪٽ، ڪڇي ڪينال، سنڌ بئراج، ڪي فور واٽر سپلائي پروجيڪٽ، ڪُرم تنگي ڊيم ۽ نئين گاج ڊيم پراجيڪٽ تي ڪم تيزي سان جاري آهي، آبي ذخيرن جا اه?? 10 منصوبا مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 28 لک 90 ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ٿيندو هن چيو ته انهن منصوبن مان سستي پن بجلي جي پيداوار ۾ 9043 ميگاو??ٽ اضافو، 35 هزار کان وڌيڪ ملازمتن جا موقعا ميسر ايندا. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عمران خان لاءِ سڀني ??فا??ي اڪاين جا آبادگار برابر آهن، هو سڀني جي هڪجهڙي ترقي جو خواهشمند آ??ي.
وزيراعظم ايندڙ نسلن لاءِ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي قدمن، پاڻي جي ذخيرن ۽ سستي پن بجلي ٺاهڻ جي منصوبن تي ڪاربند آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے