اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ب??طانوي پرڏيهي وزير ڊومينڪ راب ملاقات ڪئي جنهن ۾ افغانستان ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي سميت ٻطرفن معا??لن ۽ علائقائي ۽ عالمي معا??لن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان ب??طانوي وزيراعظم بورس جانسن سان پنهنجي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ صورت??ال تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ خطي جي استحڪام لاءِ پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ سلامتي جي صورت??ال کي بهتر بڻائڻ، امن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ ۽ عوامي هجرت کي روڪڻ لازمي آهي. ان سلسلي ۾ انساني بحران کي روڪڻ ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي. وزيراعظم زور ڏنو ته عالمي برادري کي افغان عوام سان گڏ بيهڻ گهرجي، مثبت رابطا قائم ڪرڻ گهرجن ۽ پرامن، مستحڪم ۽ سمورن گروپن تي ٻڌل سياست کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مراعتون ڏيڻ گهرجن. وزيراعظم افغانستان جي اندر ۽ ٻاهر موجود ”سپوائلر“ جي ڪردار جي حوالي سان خبردار ڪندي چيو ته اهي صورت??ال کي خراب ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم برطانوي پرڏيهي وزير کي ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي وڏي پئماني تي خلاف ورزين ب??بت پڻ آگاهه ڪيو. هن سينيئر ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ميت کي وارثن کان لڪائڻ جي ڀارت جي غيرانساني رويي بابت پڻ ٻڌايو. وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ عوام جي وچ ۾ مضبوط رابطن ۽ پراڻن لاڳاپن جو پڻ ذڪر ڪيو. وزيراعظم پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان ٻٽي شهريت رکندڙ شهرين کي مشڪلاتون درپيش آهن. ملاقات ۾ ماحولياتي تبديلي، ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام ۽ عالمي سياسي صورت??ال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعظم عمران خان سان برطانوي پرڏيهي وزير ڊومينڪ راب جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ