واشنگٽن -14 سيپٽمبر (اي پي پي)آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير اسد مجيد خان چيو آهي ته ??نه?? به ملڪ اڃا تائين طالبان کي باقاعده طور تسليم ناهي ڪيو، عالمي برادري جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ لاءِ افغانستان جي نئين حڪومت جي صلاحيت جو جائزو وٺي رهيا آهيون. ڀارت ۾ بنياد پرست حڪومت اسان جي امن قدمن کي رد ڪري ڇڏ??و. ??نهي ملڪن وٽ امن کان سواءِ ڪو ٻيو آپشن ناهي. هن اهڙو اظهار هن آمريڪا جي ميڊيائي اداري ”دي واشنگٽن ڊپلوميٽ“ کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان پاڪستاني سفير چ??و ت?? هي وقت آهي ته ماضي مان سبق سکجي. اسان جو تسلسل سان اهو موقف رهيو آهي ته افغان تڪرار جو ڪو به فوجي حل ناهي، اسان اهو به واضح ڪيو ت?? آمريڪي فوج جي ذميواراڻي واپسي سان امن عمل ۾ پيش رفت ٿيندي. اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان بين الافغان ڳالهين جي حمايت ڪئي ۽ ان حوالي سان اهم پيش رفت به ٿي. هن چيو ت?? افغانستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، طالبان عام معافي جو اعلان ڪيو آهي ۽ ڪهڙي قسم جي به انتقامي ڪارروائين ۾ ملوث ناهي ٿ??و. ??ن چيو ت?? خدشن جي برعڪس وڌيڪ افغان مهاجرين پاڪستان ناهن آيا. 2 ڏهاڪا اڳ آمريڪا تي بدترين دهشتگرد حملن بابت سوال تي هن چيو ت?? اسان جون دلي همدرديون سوڳوار خاندانن سان آهن. هن چيو ت?? دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو وڏو نقصان ٿ??و. ??ن جنگ ۾ اسان جون 80 هزار کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون. جڏهن ته معيشت کي 150 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان ٿ??و. ??ن چيو ت?? اسان پاڻ دهشتگردي جو نشانو بڻياسين ان ڪري متاثرين جو ڏک سمجهي سگهون ٿا. پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان سوال تي سفير چ??و ت?? آمريڪا سان پاڪستان جا لاڳاپا هميشه کان اهم رهيا آهن. نائين اليون بعد اسان افغانستان کي نظر ۾ رکندي گڏ رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ پاڪستاني سفير چ??و ت?? وال اسٽريٽ جي صحافي ڊينئل پرل جو قتل هڪ سنگين ڏوهه هو مان ان جي سوڳوار خاندان سان ذاتي طور تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ??نه?? ماءُ لاءِ اهو صدمو برداشت جوڳو نه هوندو آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪيتريون ئي مائرون پنهنجي پٽن کان محروم ٿيون. اسان کي فوت ٿيلن تي افسوس آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ت?? ٻيهر ايئن نه ٿئي.
ڪنهن به ملڪ اڃا تائين طالبان کي باقائده طور تسليم ناهي ڪيو، عالمي برادري سان ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ لاءِ افغانستان جي نئين حڪومت جي صلاحيت جو جائزو وٺي رهيا آهيون: آمريڪا ۾ مقرر پاڪستان جو سفير
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی