اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين جي ذريعي اعليٰ معيار جي گريجوئيٽس ۽ انتهائي هنر مند ورڪ فورس تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽين کي انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي (آءِ سي ٽي) تي ڌيان ڏيندي پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪرڻ گهرجي ته جيئن چوٿي صنعتي انقلاب جي ثمرن مان فائدو کڻي سگهجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ غلا?? اسحاق خان انس??يٽ??وٽ (GIKI) آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ??يڪنالاجي بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ريڪٽر غلا?? اسحاق خان انس??يٽ??وٽ پروفيسر ڊاڪٽر فضل احمد خالد بريفنگ ڏني. صدر سوسائٽي فار پروموشن آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ??يڪنالاجي فريد رحمان، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر شڪيل دراني ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ريڪٽر غلا?? اسحاق خان انس??يٽ??وٽ صدر کي انجنيئرنگ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعليم جي فراهمي ۾ انس??يٽ??وٽ جي ڪردار ۽ ڪاميابين کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته هن وقت 2366 شاگرد مختلف ڊگري پروگرامن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن ۽ هن وقت تائين 6852 شاگرد يونيورسٽي مان پاس ٿي چڪا آهن، هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته انس??يٽ??وٽ جي 75 سيڪڙو فيڪلٽي اعليٰ درجي جي قومي ۽ عالمي يونيورسٽين جي پي ايڇ ڊي ڊگري هولڊرز تي مشتمل آهي، هن وڌيڪ چيو ته غلا?? اسحاق خان انس??يٽ??وٽ 2021ع ۾ 290 ملين روپين کان وڌيڪ رقم مختص ڪئي هئي ته جيئن مستحق شاگردن کي وظيفا ۽ مالي امداد فراهم ڪري سگهجي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر يونيورسٽي جي انتظاميه کي چيو ته صنعتي رابطا ۽ عالمي يونيورسٽين سان تعاون کي فروغ ڏنو وڃي ته جئين انهن جي مهارت مان فائدو کڻي سگهجي. هن چيو ته يونيورسٽي کي پنهنجي عالمي مشاورتي بورڊ کي مضبوط بڻائڻ ??انسواءِ آن لائين تعليمي جزو جي ماپي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، صدر يونيورسٽي کي چيو ته هو خصوصي شاگردن جي باري ۾ ايڇ اي سي جي پاليسي تي عملدرآمد يقيني بڻائي جيڪا کين ٽيوشن فيس هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي فيس جي مڪمل ڇوٽ کانسواءِ يونيورسٽي ۾ خصوصي ماڻهن ۽ عورتن کي ملازمت ڏيڻ جا موقعا فراهم ڪندي آهي. هن يونيورسٽي تي زور ڏنو ته هو پنهنجي ويزن کي اپ ڊيٽ ڪري ۽ پنهنجي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽائيم لائين طئي ڪري. هن چيو ته يونيورسٽين کي مصنوعتي ذهانت تي ڌيان ڏئي سائبر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ مهارت جي فروغ جي ذريعي ملڪ جي ضرورتن کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي.
يونيورسٽين ذريعي اعليٰ معيار جا گريجوئيٽس ۽ انتهائي هنر مند ورڪ فورس تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج