ڪراچي – 31 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اقليتي برادرين سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي چٽاڀيٽي ج?? امتحانن جي تياري سان گڏوگڏ يونيورسٽين جي سطح تي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ??ها ڳاهه هتي گورنر هائوس ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) جي چيئرمين ڪيپٽن (ر) زاهد سعيد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته موجوده حڪومت کي فخر آهي ته اقليتن جي مسئلن ۽ عورتن کي بااختي??ر بڻائڻ تي ڌيان ڏنو آهي. صدر کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ اقليتن سان تعلق رکندڙ تقريبن 19 هزار وفاقي ملازم مختلف اسڪيلز تي مقرر آهن، هن ??قليتي ملازمن کي اڳئين درجن ۾ وڌيڪ ترقين لاءِ تربيت ۽ تعليم فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. صدر کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سي ايس ايس جو خصوص?? امتحان جلد منعقد ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ ۽ بلوچستان مان سيٽن جو بيڪ لاگ ڀري سگهجي. ان موقعي تي ايف پي ايس سي جي چيئرمين صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ايف پي ايس سي جي سالياني رپورٽ 2020ع به پيش ڪئي.
صدر پاران اقليتي برادرين سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي چٽاڀيٽي جي امتحانن جي تياري سان گڏوگڏ يونيورسٽين جي سطح تي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : quina acumulada