ڪراچي – 05 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي پر ڳالهه ٻولهه ذريعي ئي پائيدار امن قائم ڪرڻ ۽ مسئلن جو حل ممڪن آهي. اها ڳالهه هن ڪراچي ۾ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي چئي. صدر چيو ته ??اڪستان هڪ ??رامن ??لڪ آهي، روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ تڪرار کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته ??هرين ۽ ٻي عظيم جنگ ۾ لکين ماڻهن پنهنجون جانيون قربان ڪيون. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??يوڪليئر ٽيڪنالاجي جي اچڻ کانپوءِ ڪا به جنگ دنيا جي بقاءَ لاءِ خطري جو سبب ٿي سگهي ٿي. آءِ بي اي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ا??بر زيدي چيو ته ڳالهه ٻول??ه جي رجحان جي فروغ لاءِ سندن ادارو ميونڪ جي نالي سان هر تقريب منعقد ڪري ٿو جنهن ۾ ٻاهرئين ??لڪ مان به شاگرد حصو وٺن ٿا. آءِ بي اي جي ڊائريڪٽر هما بقائي چيو ته ??لڪن جي وچ ۾ تڪرارن جي فوري حل سان ئي پائيدار امن کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.
جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي پر ڳالهه ٻولهه ذريعي ئي پائيدار امن قائم ڪرڻ ۽ مسئلن جو حل ممڪن آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر