اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آ??اد??ارن کي ترجيحي بنيادن تي ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ هنگامي بنيادن تي زرعي سڌارا لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ زرعي شعبي جي سڌارن تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾و فاقي وزيرن طارق بشير چ??ما?? احسن اقبال، مريم اورنگزيب، مفتاح اسماعيل، خاص معاونين احد چ??ما?? محمد جهازين خان جڏهن ته سمورن صوبن جي زراعت سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ زرعي سڌارن جي لاءِ مختلف شعبن جي 8 سب ڪميٽين جون وزيراعظم کي سفارشون پيش ڪيون ويون، انهن سفارشن ۾ گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري ٺوس منصوبابندي شامل آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومت ترجيحي بنيادن تي آ??اد??ارن کي ضروري سهولتون فراهم ڪندي. حڪومت آ??اد??ارن کي گهٽ لاڳت تي وقت سر معياري ٻج، ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائيندي. آ??اد??ارن کي غيرمعياري ٻج ۽ زرعي دوائُون وڪرو ڪندڙ ڪمپنين جو خاتمو ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته مقامي سطح تي معياري ٻج جي پيداوار جي لاءِ زرعي ت??قي??ي ادارن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. حڪومت آ??اد??ارن کي جديد مشينري ۽ قرضن ۾ سهولت جي فراهمي يقيني بڻائيندي. حڪومت ڪڻڪ ۽ زرعي جنسن کي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ سائيلوز جي تعمير تي ڪم ڪندي. ڪڻڪ جي فصل جي پوکيءَ کان اڳ پيداوار ۾ في ايڪڙ يقيني بڻائڻ جا قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته يقيني بڻايو وڃي ته زرعي شين تي حڪومت پاران سبسڊي آ??اد??ارن تائين پهچي. زرعي منصوبابندي جي دوران موسمياتي تبديلي جي اثرن کي پڻ نظر ۾ رکيو وڃي. آ??اد??ارن کي زراعت جي عالمي سطح تي لاڳو جديد طريقيڪار کان روشناس ڪرائڻ جي لاءِ ٺوس آگاهي مهم هلائي وڃي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڪڻڪ، ڪپهه، کاڄرو تيل، ڀاڻ، زرعي ت??قي??ي، زراعت ۾ پاڻي جي استعمال، موسمياتي تبديلي ۽ زرعي مشينري جي حوالي سان قائم سب ڪميٽين تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ پنهنجون سفارشون پيش ڪيون. اجلاس ۾ اڳتي ڪڻڪ، ڪپهه ۽ کاڄرو تيل جي پيداوار جي لاءِ قدمن، آ??اد??ارن کي گهٽ لاڳت تي جديد مشينري، يوريا ۽ ڊي اي پي تي سبسڊي، متوقع پيداوار ۽ درآمدي معياري ٻج، پاڻي جي بهتر استعمال ۽ آ??اد??ارن کي وقت سر قرضن جي فراه??ي جي حوالي سان سفارشون ڪيون ويون. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورن لاڳاپيل وزارتن کي انهن سفارشن مان ايندڙ فصل جي لاءِ هنگامي بنيادن تي زرعي سڌاراجاتي پلان جوڙين. وزيراعظم 2 ڏينهن جي اندر ان پلان کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم تمام جلد ملڪ ۾ زرعي سڌارن جي لاءِ ٺوس منصوبي جو اعلان ڪندو جنهن سان نه رڳو آ??اد??ار خوشحال، ملڪي زرعي پيداوار ۾ اضافو ۽ زرعي جنسن جي درآمد ۾ گهٽتائي ٿيندي.
وزيراعظم پاران آبادگارن کي ترجيحي بنيادن تي ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ هنگامي بنيادن تي زرعي سڌارا لاڳو ڪرڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم