قاهره-13 مئي (اي پي پي) مصر چيو آهي، ته هو غزه ۾ جاري جنگ جي تناظر ۾ انصاف واري عا??مي عدالت (آءِ سي جي) ۾ اسرائيل خلاف ڏکڻ آفريقا طرفان نسل ڪشي واري ڪيس جي حمايت لاءِ باضابطه ڌر بڻجڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. العربيه جي رپ??رٽ مطابق مصر جي پرڏيهي وزارت چيو آهي، ته اهو قدم غزه جي پٽي ۾ فلسطيني شهرين خلاف اسرائيلي حملن جي وڌندڙ شدت ۽ دائرڪار کي نظر ۾ رکي ڪيو ??يو. بيان ۾ چيو ??يو آهي ته هي فيصلو منظرم اسرائيلي طريقن ۽ حملن وچ ۾ ڪيو ??يو، جن ماڻهن کي آخرڪار لڏپلاڻ ۽ پنهنجي ڌرتي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو آهي جنهن سبب هڪ بي مثال انساني بحران پيدا ٿيو آهي. مصر طرفان اهو اعلان ان ڳالهه کان پوءِ ڪيو ??يو جڏهن اسرائيل گذريل هفتي مصر جي سرحد رفح جي اوڀرندي علائقي ۾ داخل ٿي عا??مي مخالفت جي نفي ڪئي ۽ ويجهي گذرگاهه تي قبضو ڪيو جيڪو والاريل فسلطيني علائقي ۾ امداد جي رسد لاءِ اهم رستو آهي. ڏکڻ آفريقا جنوري ۾ عا??مي عدالت کي اهو اعلان ڪرُڻ جو چيو ته اسرائيل غزه ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي ۽ هو اسرائيل کي پٽي ۾ پنهنجي فوجي مهم روڪڻ جو حڪم ڏئي.
ڏکڻ آفريقا طرفان انصاف واري عالمي عدالت ۾ اسرائيل خلاف نسل ڪشي واري ڪيس ۾ مصر به ڌر بڻجي ويو
مضمون کا ماخذ : رومن دولت