انقره ، تهران _3 ڊسمبر (اي پي پي ) ترڪيه ۽ ايران شام جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ شام کي دهشتگردي ??و ڳڙهه بڻجڻ نه ڏينداسين . پرڏيهي ميڊيا مطابق شام کان پنهنجي فوري دوري تي ترڪيه پهچڻ بعد ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي ترڪيه جي هم منصب هاڪان فيدان سان ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ترڪيه جي پرڏيهي وزير سان ملاقات بعد هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيف ايراني سفارت??ار ايران ۽ شام وچ ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته شام کي دهشت??رد گروپ ??و ڳڙهه بڻجڻ کان روڪڻ جي ضرورت آهي. هن شام ۾ دهشت??رد تنظيمن تي اسرائيل ۽ آمريڪا سان سه??ار حاصل ڪرڻ جو الزام لڳايو پر سندس ترڪيه جي هم منصب اهو الزام رد ڪري ڇڏيو. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڀريو ته شام جي خطرناڪ صورتحال خطي جي سمورن ملڪن کي متاثر ڪندي. هن نشاندهي ڪئي ته آستانه معاهدي جي حوالي سان ترڪيه ۽ ايران جي موقف ۾ هم آهنگي موجود آهي . هن شام بابت علائقائي مشوري جي اهميت تي زور ڏيندي شام جي حڪومت ۽ ان جي فوج جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو.
شام کي دهشتگردي جو ڳڙهه نه بڻجڻ ڏينداسين: ايران – ترڪيه جو اتفاق
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی