آستانه (قزاخستان) – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چ??و آهي ته افغانستان جو مسئلو جنگ ذريعي نه پر رڳو ڳالهين ذ??يعي حل ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان افغانستان ۾ استحڪام جي لاءِ پنهنجي افغان ڀائرن جي مدد جاري رکندو. هن اها ڳالهه هتي پاڪستاني تعليمي ماهرن ۽ دانشورن جي ميڙ کي خطاب ڪندي چئي. صدر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان مان باصلاحيت ماڻهن جي ملڪ ڇڏي وڃڻ جو دور ختم ٿي چڪو آهي ?? هاڻي پاڪستاني تعليمي ماهر ۽ پروفيشنلز پنهنجي ملڪ ۾ خدمتون سرانجام ڏيندا.
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ