اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد خان چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب معيشت بهتري طرف گامزن آهي ۽ جلد ئي عوام کي حڪومت ج?? معاشي پاليسين جا مثبت اثر ڏسڻ ۾ ايندا، اسان کي احساس آهي ته عام ماڻهو جي لاءِ خرچن ۽ آمدني جي توازن کي برقرار ??کڻ هڪ چئلينج کان گهٽ نه آهي. اي پي پي سان ڳالهائيندي سينيٽر فيصل جاويد چيو ته سرڪاري نيوز ??يجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي ري ماڊيولنگ، وڊيو نيوز ??روس جي ويب ٽي وي ۽ اداري جي ڊجيٽلائيزيشن حڪومت ج?? اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته اهو ادارو مستقبل ۾ جديد دور جي گهرجن ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ عالمي معيار موجب پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس