اسلام آباد 6- آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڊجيٽل ڊپلوميسي وقت جي اهم ضرورت آهي، پرڏيهي وزارت کي جديد عصري گُهرجن سان هم آهنگ بنائڻ لا??ِ جامع ۽ قابل عمل تجويزون سامهون آڻينداسين. اها ڳالهه گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ ڊجيٽل ڊپلوميسي گروپ جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. ڊجيٽل ڊپلوميسي گروپ پرڏيهي وزارت جي ??بلڪ ڊپلوميسي جي ??يزن جو حصو آهي، جنهن ۾ ڊجيٽل ۽ ٽيڪنيڪل ماهر شامل آهن. ڊجيٽل ڊپلوميسي گروپ جي ??يمبرن ۾ وزيراعظم جو فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلان خالد، نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي سي اِي او سيد شباهت علي شاهه، جنرل مئنيجر ڊجيٽل ميڊيا ونگ و??ارت اطلاعات عمران غزالي، ڊجيٽل ايڪسپرٽ تانيه ايڊوروس پرو پاڪستاني بلاگ جي باني عامر عطا، پبلڪ رليشن ايڪسپرٽ سلينا راشد ۽ پرڏيهي وزارت جي صلاحڪار پبلڪ ڊپلوميسي عمران اختر شامل آهن. پرڏيهي وزير چيو ته ڪووڊ 19 دنيا کي هڪ ڌڪ سان تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ڊجيٽل ڊپلوميسي وقت جي اهم ضرورت آهي. پرڏيهي وزارت کي الله تعاليٰ بهترين هيومن ريسورسز سان نوازيو آهي، اسان جي ??سيع تجربن سان اسان اداري کي بهترين بڻائي رهيا آهيون.
ڊجيٽل ڊپلوميسي وقت جي اهم ضرورت آهي: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر