اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ملڪ ۽ ايندڙ نسلن جو سوچندو ۽ انه?? جي لاءِ قدم کڻندو آهي، عمران خا?? جي قيادت ۾ حڪومت سڄي ۾ طبقاتي تعليمي نظام کي ختم ڪري هڪجهڙو تعليمي نظام لاڳو ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تقريب کي خطا?? ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪپتان عمران خا?? جي قيادت ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم 1992ع جو ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ پنهنجي نالي ڪيو، جيڪي چوندا هئا ته شوڪت خانم اسپتال نه ٺهندي اهي ڏسي وٺن ته وڌيڪ ٻه ڪينسر اسپتال بڻجي چڪا آهن، پاڪستا?? جي غيور عوام ساليانو 10 ارب روپين جا ??طي?? شوڪت خانم اسپتال کي ڏيندي آهي جنه?? جي ذريعي غريبن جو مفت علاج ٿي رهيو آهي، عمران خان سدائين چور رستي ذريعي اقتدار جي خلاف هئا، تبديلي ۽ نئين پاڪستا?? جي شمع کڻي عمران خان 22 سال جدوجهد ڪئي، انصاف جو پيغام گلي گلي، ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچايو، ميانوالي ۾ نمل يونيورسٽي سان هڪ مڪمل نالج سٽي بڻجڻ وڃي رهيو آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جيڪا پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستا?? جي حڪومت ڪري رهي آهي، وزيراعظم عمران خان ملڪ ۽ ايندڙ نسلن جو سوچيندو ۽ ا?? جي لاءِ قدم کڻندو آهي، هن چيو ته عمران خا?? جي قيادت ۾ حڪومت سڄي ملڪ ۾ طبقاتي نظام تعليم کي ختم ڪري هڪجهڙو تعليمي نظام لاڳو ڪيو. گذريل 70 سالن ۾ هڪجهڙي تعليمي نظام جي لاءِ سنجيدگي ڪوششون نه ڪيون ويون، هن چيو ته 1967ع کانپوءِ پاڪستان ۾ ڪو به ڊيم نه ٺهيو، وزيراعظم عمران خان مهمند ڊيم، داسو ڊيم، سنڌ بيراج سميت 10 وڏن آبي ذخيرن تي ڪم شروع ڪيو، انهن منصوب?? جي تڪميل سان 10 هزار سستي بجلي پيدا ٿيندي ۽ هڪ ڪروڙ 30 لک ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ٿي سگهندو، هن چيو ته خيبرپختونخوا جي پوري آبادي کي صحت انصاف ڪارڊ فراهم ڪيو ويو آهي، پنجاب ۾ صحت ڪارڊ فراهمي جو آغاز ٿي ويو آهي، احساس پروگرام تحت 2 لک اسڪالرشپ ڏنا ويا آهن، هن چيو ته وزيراعظم ٽي ٽيز، جعلي اڪائونٽس، ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجي لاءِ فليٽس ناهن ٺاهيا پر ڇت کان محروم ماڻهن کي ڇت فراهمي تي ڌيان ڏنو، گهر ٺاهڻ لاءِ 225 ارب روپي?? جي ما??يت جون درخواستون مليون آهن، 30 ارب قرض جاري ڪيا ويا آهن، 3 سالن ۾ 1700 ڪلوميٽر رستا ٺاهيا، ڪي پي ڪي واحد صوبو آهي جنهن پنهنجي موٽر وي (مردان سوات) ٺاهي، 6 هزار ڪلوميٽر رست?? جي تعمير جا مصنوبا جاري آهن. ڪراچي ۾ گرين لائين ٽرانسپورٽ سسٽم، سرڪلر ٽرين، سکر – حيدرآباد موٽروي، باقي سنڌ جي ٻين علائقن ۾ وفاق جا ڪم نظر اچي رهيا آهن، هن چيو ته بدقسمتي آهي ته ٽي ٽي ڀيرا حڪومتون ڪندڙ مايوسين ورهائي رهيا آهن، اسان اميد ڏيندڙ آهيون.
وزيراعظم ملڪ ۽ ايندڙ نسلن جو سوچندو ۽ انهن جي لاءِ قدم کڻندو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ