اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي قيدين جي سزائن ۾ گهٽتائي جو ا??لان ??ري ڇڏيو. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي سزائن ۾ گهٽتائي آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب جيلن ۾ رهندڙ قيدين جي سزائن ۾ پنجين حصي جي گهٽتائي ڪئ?? ويندي. صدر 65 يا ان کان وڏي عمر جي مرد قيدي جيڪي 15 سال يا ان کان وڌيڪ قيد ڪاٽي چڪا آهن انهن جي لاءِ باقي سزا ۾ مڪمل ڇوٽ جو ا??لان ڪيو آهي. 60 سال يا ان کان وڏي عمر جون عورتون جيڪي 10 سال يا ان کان وڌيڪ قيد ڪاٽي چڪيون آهن جي لاءِ باقي سزا ۾ مڪمل ڇوٽ جو ا??لان پڻ ڪيو آهي. قيد جي سزا جو ٽي ڀاڱي چوٿون حصو ڪاٽيندڙ قيدين جي سزا تي مڪمل ڇوٽ جو ا??لان ڪيو ويو آهي. 20 سال جي قيد مڪمل ڪندڙ قيدين جي سزا ۾ مڪمل ڇوٽ جو ا??لان ڪيو ويو آهي. سزائن ۾ گهٽتائي جو ا??لاق موت جي سزا، جاسوسي، گينگ ريپ، بئنڪ ڌاڙي، رياست مخالف سرگرمين، زنا، اغوا ۽ ڌاڙي جي ڏوهارين تي نه هوندو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران قيدين جي سزائن ۾ گهٽتائي جو اعلان
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ