اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ هفتي قطر جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو آهي ته پرڏيهي وزير چار يورپي ملڪن جرمني، ڊيمنارڪ، سوئيڊن ۽ ناروي جو دورو ڪري رهيو آهي، اهي دورا اسان جي حصيدارين سا?? پاڪستان جي لاڳاپن ۽ سفارتڪاري کي ظاهر ڪن ٿا. هن چيو ته اسان مناسب وقت تي انهن دورن بابت وڌيڪ تفصيل کان آگاهه ڪنداسين. ترجمان چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان، نائب وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير سا?? 15 آگسٽ تي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي، ولي عهد پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي تي پاڪستاني عوام کي مبارڪباد ڏني، ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارتي پوليس رياستي دهشتگردي جو کلي عام مظاهرو ڪندي هڪ سياسي قيدي محمد علي حسين کي ڄمون جي ڪوٽ بلوال جيل ۾ آڻي ٽوف ارينا جي علائقي ۾ هڪ فرضي جهڙپ ۾ شهيد ڪري ڇڏيو، جيل کان پري محمد علي حسين جو پراسرار حالت ۾ قتل ??ال??ريل ڪش??ير ۾ ڀارتي فورسز جي هٿان جعلي مقابلن ۾ قيدين جي عدالت کان مٿانهين قتل جو هڪ ٻيو افسوسناڪ واقعو آهي. ترجمان چيو ته اهو ڪنهن قيدي جو اهڙي قسم جو ٻيو عدالت کان مٿانهون قتل آهي، ان کان اڳ راولاڪوٽ سا?? تعلق رکندڙ ضياءَ مصطفيٰ کي ڄمون ڪوٽ بلوال جيل مان ڪڍي ڀارتي فوجين پونچ جي ٻيلن ۾ آڪٽوبر 2021ع ۾ فائرنگ ۾ شهيد ڪيو هو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ پري پول ڌانڌلي جي دانسته ڀارتي ڪوششن کي رد ڪري ٿو، ??ال??ريل علائقي جي عارضي رهواسين بشمول ٻاهرئين افرادي قوت ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي به بطور ووٽر رجسٽر ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو تازو اعلان ??ال??ريل ڪش??ير ۾ نام نهاد چونڊن جي نتيجن کي متاثر ڪرڻ جي ڀارتي ڪڌي منصوبي جو حصو آهي، ڪش??يرين پاڻ به مودي حڪومت جي غيرڪشميري شهرين ۽ ??ال??ريل ڪش??ير ۾ عارضي رهواسين کي نام نهاد ڪش??ير اسيمبلي چونڊن ۾ ووٽ وجهڻ جي اجازت ڏيڻ جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ان قدم سا?? ڄمون ۽ ڪش??ير جي تڪراري حيثيت کي نقصان پهچائڻ ۽ ??ال??ريل ڪش??ير ۾ مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪڌي منصوبي جي خبر پوي ٿي. 2019ع ۾ خصوصي حيثيت جي خاتمي کانپوءِ ڀارت ۾ بي جي پي جي قيادت هيٺ حڪومت ڄمون ۽ ڪش??ير جي معصوم ماڻهن تي ناقابل بيان ظلم ڪيا آهن، ڀارتي قابض فوج جي هٿان 660 کان وڌيڪ ڪش??يري شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ هلندڙ سا?? 145 کان وڌيڪ معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو. ڳجهي ۽ سڌي سنئين غيرقانوني ڪاررواين ۾ ڪش??يرين کي جعلي ڪيسن ۾ قتل ۽ گرفتار ڪرڻ کانسواءِ انهن جي ملڪيتن تي قبضي ۽ انهن کي سرڪاري نوڪرين مان برطرفي آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ بي رحماڻي پاليسي ۾ شامل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان ??ال??ريل ڪش??ير جي مظلوم عوام جي جذبي ۽ خودمختياري جي حق لاءِ انهن جي ناقابل تسخير جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا جنهن جي انهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ضمانت ڏني آهي، ??ال??ريل ڪش??ير جي عوام وحشياڻي ڪاررواين آڏو مضبوط بيٺل آهي ۽ انهن آگسٽ 2019ع کانپوءِ بي جي پي حڪومت جي غيرقانوني قدمن کي واضح طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان چيو ته وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ڀارت جي هندوتوا کان متاثر بي جي پي حڪومت کان تشدد فوري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪش??ير جي تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪش??يري عوام جي خواهشن موجب منصفاڻي ۽ پرامن حل کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ هفتي قطر جو دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada