اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪ??ر قمر الزمان ڪائره چيو آهي، ته پاڪستان ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي موقف تي هميشه قائم آهي ۽ هڪ انچ به پوئتي نه هٽندو، قومون پنهنجي تهوار هميشه هڪ خاص مقصد تحت ملهائينديون آهن ۽ پنهنجي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ صديون ڪوشش ڪنديون آهن، ضروري ناهي ??ه فوري طور تي منزل ملي وڃي، ان لاءِ بيشم??ر قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن، پاڪستان سان ڀارت جي مخالفت اها ئي آهي ??ه انهن ڪڏهن به پاڪستان جي وجود کي تسليم ناهي ڪي??، انهن جي دلين ۾ شروع کان ئي نفرت جي باهه ٻري رهي ??هي، پوءِ اهو ڪرڪيٽ جو ميدان ئي ڇو نه هجي. اهڙو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اس??ڊيز ۾ ”ڪشمير هندوستان م??وق?? الحاق“ جي موضوع تي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان هميشه ڪشميرين جي موقف کي تسليم ڪيو آهي، جڏهن ته ڪڏهن به ان کي ڪشمير جو مسئلو ناهي ??مجهيو، بلڪه پاڪستان جو مسئلو سمجهيو آهي، حڪومت ڀلي ڪنهن جي به هجي، ڪير به اقتدار تي ويٺل هجي، ڪشمير بابت پاڪستان جو موقف هميشه ساڳيو ئي رهيو آهي، ڀارت هميشه ظلم، ڏاڍ ۽ مختلف هٿ ڪنڊن سان ڪشمير جي جاگرافيائي حالتن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.اڄ به ڀارت جي اها پاليسي رهي ??هي ??ه ڪشمير کي عالمي منظر تان هٽايو وڃي جنهن ڪري هو شهريت ۽ ڊوميسائيل جي قانونن ۾ تبديليون ڪري رهيو آهي. صحافي ارشد شريف بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان حڪومت سڀني معاملن تي گهري نظر رکي آهي، ان موقعي تي تقريب کي صدر ڪشمير يوٿ الائنس طاهر مجاهد به خطاب ڪيو.
پاڪستان ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي موقف تي هميشه کان قائم آهي ۽ هڪ انچ به پوئتي نه هٽندو: قمر الزمان ڪائره
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی