اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه اڱاري ڏينهن ملائيشيا جي هم منصب انور ابراهيم سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملائيشيا جي نئين وزيراعظم ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خو??هشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ڀائراڻن ويجهي لاڳاپن ??ي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سيڙ??ڪا??ي سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻط??فو تعاون وڌائڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي وفدن جي مٽاسٽا جي اهميت تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا سان اقتصادي، واپاري رابطن ۽ سياسي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ ملائيشيا سان گهڻ رُخي بنيادن تي لاڳاپن ??ي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خو??هش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تاريخي ٻط??فن لاڳاپن ۽ مضبوط معاشي ۽ واپاري تعاون ??ي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو عزم ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلين جي بدترين اثرن، ٻوڏ جي صورتحال ۽ 8 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جتي عالمي برادري پاڪستان جي ريڪوري ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ گڏ ٿيندي.
وزيراعظم جو ملائيشيا جي هم منصب انور ابراهيم سان ٽيليفونڪ رابطو، عهدو سنڀالڻ تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia