اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي سي پيڪ تحت چين پاران پاڪستان ۾ اٽڪل 62 ارب ڊالر جي متوقع سيڙپڪاري کي ساراهيندي واپار، سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي بي پناهه امڪانن جي ڏس ۾ ا??يد ظاهر ڪئي ته ٻطرفو واپار جنهن جو ڪاٿو 27.8 بلين ڊالر آهي مستقبل ۾ خاطرخواهه اضافو ڪري سگهجي ٿو ۽ واپار جو توازن گڏيل طور تي فائديمند ٿيندو. ??در اها ڳالهه پاڪستان ۾ چين جي عهدو ڇڏيندڙ سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ??در چ??و ته سي پيڪ تحت 19 منصوبا مڪمل ڪيا ويا، 28 تعمير هيٺ جڏهن ته 41 پائيپ لائين ۾ آهن، سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو هڪ انقلابي فليگ شپ منصوبو آهي، جيڪو علائقائي امن ۽ رابطاڪاري جي محور طور تي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن وڌيڪ چ??و ته گوادر پورٽ، توانائي جا منصوبا، ٽرانسپورٽ، انفراسٽرڪچر ۽ خصوصي اقتصادي زونز جي ترقي سميت صنعتي تعاون جي تيزي سان مڪمل ٿيڻ سان ملڪ جي واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي موقف ۾ تبديلي ايندي. ??در چ??و ته عالمي سطح تي تبديلين سان گڏوگڏ سي پيڪ تي اڳڀرائي کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، زراعت جي فروغ لاءِ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي تيزي سان عمل ڪيو وڃي. ??در چ??و ته جنوري 2020ع ۾ چين پاڪستان آزادي واپاري معاهدي تي صحيحن واپار کي وڌيڪ آزاد ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ واپاري ڪاٿي ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. هن وڌيڪ چ??و ته 2021ع جي پهرين 11 مهينن جي انگن اکرن موجب ٻطرفو واپار 27.8 بلين ڊالر جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي جيڪو 2020ع جي انهي مدي جي مقابلي ۾ 60 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اهڙي طرح پاڪستان جي 3.6 بلين ڊالر جي روانگي واپار ۾ به سال به سال 68 سيڪڙي جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. ??در ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي شعبن ۾ وسيع تعاون تي پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چين جي عوام ۽ ??در شي جن پنگ جا پاڪستان جي دل کولي مالي معاونت فراهم ڪرڻ تي دل سان ٿورا مڃيا جنهن سان ملڪ کي درپيش مالي صورتحال کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو. هن چ??و ته ايوان ??در کي ملندڙ چيني گرانٽ جو استعمال هڪ ڊيجيٽل آئوٽ ريچ پليٽ فارم ٺاهڻ جي لاءِ ڪيو ويندو ته جيئن ذهني دٻاءُ يا دماغي صحت جي مسئلن کي منهن ڏيندڙ ماڻهن کي مدد فراهم ڪري سگهجي. هن چ??و ته خاتون اول پنهنجي برطانيا جي ايندڙ دوري دوران برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني نفسيات ۽ دماغي مرضن جي ماهرن جي فعال شموليت حا??ل ڪندي ته جيئن ذهني صحت جي مسئلن کي منهن ڏيندڙ ماڻهن کي آن لائين رهنمائي ۽ مشورا فراهم ڪري سگهجن. ??در عهدو ڇڏيندڙ سفير کي چيني سفارتڪاري جي بهترين روايتن موجب وقار سان چين جي نمائندگي ڪرڻ تي ساراهيو ۽ ان جي مستقبل جي پيشيواراڻي ذميوارين جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان چين جي عهدو ڇڏيندڙ سفير نونگ رونگ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی