اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چي?? آهي ته پاڪستان پرامن پاڙيسريت تي يقين رکي ٿو ۽ خطي ۾ دهشت??رد?? جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندو. غيرملڪي نيوز چي??ل کي انٽرويو ڏيندي پرڏيهي وزير چي?? ته پاڪستان جي سول ۽ ملٽري قيادت فيصلو ڪيو ??هي ته ملڪ جي خلاف ڪم ڪندڙن کي برداشت نه ڪيو ويندو، ان حوالي سان مڪمل اتفاق آهي ته جيڪو به دهشت??رد?? ۾ ملوث آهي ان سان ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي. هن چي?? ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي کي دهشت??رد?? درپيش آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام دهشت??رد?? جو شڪار آهي جنهن کي وقت سر منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پرامن افغانستان جي لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان افغان عبوري حڪومت تي به زور ڏنو آهي ته اها عالمي برادري سان ڪيل واعدا پورا ڪري. هن تازي ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ آزمائش جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان سان تعاون ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي عالمي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي دوستن جا ٿورا مڃيا جن جنيوا ڊونرز ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ مدد جو اعلان ڪيو ??هي.
پاڪستان پرامن پاڙيسريت تي يقين رکي ٿو ۽ خطي ۾ دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندو: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : راکی