اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ پاڪ ايران سرحد تي دهشتگردن جي فائرنگ سان پاڪ فوج جي چئن جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد عنصر پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپا خر??ب ڪرڻ چاهين ٿ??، اسان جا حوصلا مضبوط آهن، اسان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهن. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير فائرنگ جي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي اسد علي، لانس نائيڪ فريد الله خان، لانس نائيڪ عبدالرزاق ۽ لانس نائيڪ محمد يونس خان کي خر??ج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته شهيدن جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير فائرنگ جي واقعي ۾ شهيد اهلڪارن ج?? درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا