اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام کي ت??ڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ عطيا ڏيڻ ج?? اپيل ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙي??َ ۾ حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام ترڪيه جي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڀ??پور مدد ڪن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سرندي وارن ماڻهن، ادارن ۽ عوام کي ت??ڪيه جي لاءِ دل کولي عطيا ڏيڻ ج?? اپيل ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته هن ”پي ايم فنڊ فار ترڪيه ارٿ ڪوئيڪ وڪٽمز“ قائم ڪري ڇڏيو آهي، عوام ۽ سرندي وارا ماڻهو اڪائونٽ نمبر جي – 12166 ۾ فراخدلاڻي عطيا جمع ڪرائين. هن چيو ته ترڪيه جي ڀ??ئر ملڪ ۾ 7.8 شدت جي زلزلي سان قيامت صغريٰ جو منظر آهي، ترڪيه ۾ زلزلي سان هزارين ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. وزيراعظم چيو ته ترڪيه پاڪستان جي قومي مفادن جي ت??فظ ۽ عوام کي درپيش مشڪلاتن ۾ سدائين مخلصاڻي ۽ فراخدلاڻي مدد ڪئي آهي، ترڪيه 2005ع جي زلزلي، 2010ع ۽ 2022ع جي ت??اهي آڻيندڙ ٻوڏن ۾ مخلصاڻي ۽ فراخدلاڻي مدد ڪئي. هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙي??َ ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام به ترڪيه جي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڀ??پور مدد ڪن، ترڪيه جي عوام جي مدد اسان جي ديني ذميواري آهي.
وزيراعظم پاران عوام کي ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ عطيا ڏيڻ جي اپيل
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado