اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ملايشيا، ??رت??ال، ڪوسوو، ليٿوانيا ۽ ايڪواڊور جي نامزد سفيرن سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سان پاڪستان ۾ ملائيشيا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ سٺا لاڳاپا آهن، پاڪستان ملائيشيا سان معيشت، واپار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا ??ڌي?? مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. صدر ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي واپار کي ??ڌي?? سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ملائيشيا ۽ آسيان جي منڊين ۾ پاڪستاني شين تائين پهچ ملائيشيا جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ، ٻطرفو واپار ??ڌا??ڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. صدر مختلف معاملن تي عالمي فورمز تي پاڪستان جي مسلسل حمايت تي ملائيشيا جا ٿورا مڃيا. صدر سان پاڪستان ۾ ??رت??ال جي نامزد سفير پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان ۽ ??رت??ال جي وچ ۾ واپار، زراعت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، پاڪستان 22 ڪروڙ کان ??ڌي?? آبادي جي وڏي منڊي آهي، ??رت??الي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا. صدر چيو ته واپاري وفدن کي تعاون جي شعبن جي ڳولا لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان جي لاءِ ڪوسوو جي نامزد سفير پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ڪوسوو سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ويجهي تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي، ڪوسوو سان اقتصادي لاڳاپن جي توسيع پاڪستان جي اهم ترجيح آهي، پاڪستان اڀرندڙ منڊي آهي، سيڙپڪاري جا بي شمار موقعا موجود آهن. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ ??اب??ا قائم ڪرڻ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ اهم قدم هوندو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان جي لاءِ ليٿوانيا جي نامزد سفير پڻ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ ليٿوانيا جي وچ ۾ واپار ۽ تعاون ??ڌي?? ??ڌا??ڻ جي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۽ ليٿوانيا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، پاڪستان ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿو. صدر پاڪستان جي لاءِ ايڪواڊور جي نامزد سفير ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ايڪواڊور سان سياسي، اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا ??ڌا??ڻ جو خواهشمند آهي، صدر ٻطرفا لاڳاپا ??ڌا??ڻ جي لاءِ اداراجاتي فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
صدر کي ملايشيا، پرتگال، ڪوسوو، ليٿوانيا ۽ ايڪواڊور جي نامزد سفيرن پاران سفارتي سندون پيش
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ