اسل??م آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي مع??ملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان آفريقي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، آفريقي ملڪن ۾ تازو ئي پاڪستان جا 5 سفارتخانا قائم ڪيا ويا آهن. پرڏيهي مع??ملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اهڙن خيالن جو اظهار اسل??م آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي مع??ملن واري مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جي قيام ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڏامن جي شروعات ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي سلسلي ۾ اهم سنگ ميل آهي. ان کان اڳ مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ ايٿوپيا جي پرڏيهي مع??ملن واري مملڪتي وزير مسگانو آريگا وفاقي گادي واري شهر ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ ايٿوپيا جي پرڏيهي مع??ملن واري مملڪتي وزير مسگانو آريگا چيو ته ايٿوپيا پاڪستان سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. مسگانو آريگا پاڪستان اچڻ تي شاندار استقبال جي لاءِ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ايٿوپيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڊگها ۽ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته اسل??م آباد ۾ سفارتخاني جي افتتاح سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي، سياسي، اقتصادي ۽ سماجي تعاون جي هڪ نئين تاريخ قائم ٿيندي. پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير جمال بيڪر ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سان ڀائراڻا لاڳاپا ايٿوپيا جي لاءِ فخر جوڳا آهن. ان کان اڳ مملڪتي وزير حنا رباني کر اسل??م آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افتتاح ڪيو ۽ سفارتخاني ۾ ايٿوپيا جو جهنڊو ڦڙڪايو. ٻئي طرف پرڏيهي آفيس موجب ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افتتاح پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ ۽ اقتصادي، ثقافتي ۽ سفارتي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.
پاڪستان آفريقي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو: حنا رباني کر
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ