ڪراچي – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد م??اقات ڪئي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفد نگران و??ير??عظم کي سنڌ خاص طور تي ڪراچي جي پراڻي مسئلن بابت آگاهه ڪيو. و??ير??عظم وفد کي يقين ڏياريو ته سمورن مسئلن کي جلد کان جدل حل ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. وفد انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پڻ موجود هو. وفد ۾ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب، قائم علي شاهه، سيد مراد علي شاهه ۽ سعيد غني شامل هئا.
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش