اس??ام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ ر??اس?? جي بنيادن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۾ سمورن شهرين کي برابر حق حاصل آهن، قائداعظم محمد علي جناح اقليتن جي حقن جي ڀرپور طريقي سان وضاحت ڪئي. انٽرنيشنل پيس فيسٽيول 2023ع کي خطاب ڪندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ کان 22 سال اڳ 2001ع ۾ گڏيل قومن عالمي امن ڏهارو ملهائڻ جو اعلان ڪيو، 2023ع ۾ عالمي انساني حق ڪنوينشن جا 75 سال به مڪمل ٿ?? رهيا آهن جيڪو هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته نيڪٽا پنهنجي شروع کان وٺي هيستائين ملڪ جي اندر انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اهم قدم کنيا ۽ امن دشمن عملن تي غور ڪيو. هن چيو ته امن دشمن محرڪن ۾ هڪ اهم عنصر انتهاپسندي آهي، پرتشدد انتهاپسندي دهشتگردي کي جنم ڏي ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اقليتن جي حقن جو تحفظ پاڪستان جي پاڙن ۾ شامل آهي. قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي 11 آگسٽ جي تقرير ۾ اقليتن جي حقن جي ڀرپور طريقي سان وضاحت ڪري ڇڏي هئي ته سمورا پاڪستاني برابر آهن ۽ برابري جو فروغ انتهاپسندي جي خلاف سڀ کان وڏو هٿيار آهي. هن چيو ته اس??ام انسانيت سان بهتر سلوڪ جو درس ڏي ٿو جڏهن ته انتهاپسندي جي خلاف جدوجهد اسان جي قدرن ۾ شامل آهي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته ر??اس?? سان وفاداري جي گهرج آهي ته ڪنهن سان امتيازي سلوڪ نه رکيو وڃي، ر??اس?? ??ي سمورن شهرين کي برابر حق حاصل آهن. اسان کي تعصب کي ختم ڪرڻو پوندو، انهي جذبي سان پاڪستان جي طاقت کلي سامهون ايندي ۽ ڪير به هن ملڪ کي ڪمزور نه ڪري سگهندو.
اقليتن جي حقن جو تحفظ رياست جي بنيادن ۾ شامل آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار