اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ازبڪس??ان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??متاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران ??زيراعظم 8 ۽ 9 نومبر تي ازبڪس??ان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. ترجمان چيو ته نگران ??زيراعظم اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ميمبر ملڪن جي سربراهن سان ??لاقاتون پڻ ڪندو. ترجمان ??لسطين جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪس??ان کي فلسطين جي صورتحال تي ڳڻتي آهي?? اسرائيل جي قابض فوج فلسطين ۾ جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪري رهي آهي، گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ فلسطينين تي ٿيندڙ ظلمن جي خلاف قرارداد منظور ڪئي وئي، گڏيل قومن کي غزه ۾ گهيراءُ جي خاتمي، بمباري روڪڻ ۽ انساني بنيادن تي ڪراسنگ کولڻ تي زور ڏيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته ڀارت جي غير??ان??ني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جاري آهن، گذريل مهيني ڀارتي قابض فوج والاريل ڪشمير ۾ 17 ڪشميرين کي شهيد ڪيو، گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪشميرين تي ظلم جاري آهن. هن چيو ته ڀارتي ايجنسيون پاڪس??ان ۾ جاسوسي، دهشتگردي ۽ شرپسندي ۾ ملوث آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ ممتاز زهره بلوچ چيو ته پاڪس??ان ۾ غير??ان??ني طور تي رهندڙ غيرملڪين جي خلاف ايميگريشن منصوبي تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي. پاڪستان ??ڪ مهينو اڳ غير??ان??ني طور تي رهندڙ غيرملڪين کي ملڪ ڇڏڻ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي هئي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اي سي او جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ازبڪستان جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ