اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطيني سفير کي يقين ڏياريو ??هي ته پاڪستان هر عالمي فورم تي فلسطيني عوام سان يڪجهتي ??ي لاءِ آواز اٿاريندو رهندو، پاڪستان غزه جي عوام جي لاءِ امدادي سامان ج??ن 7 قسطون موڪليون آهن جڏهن ته وڌيڪ هڪ عيد کانپوءِ موڪلي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ فلسطين ج?? سفير احمد جواد اي اي ربي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ پرڏيهي وزير پڻ موجود هئا. وزيراعظم فلسطين ج?? صدر ڊاڪٽر محمود عباس پاران سندس ٻيو ڀيرو وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد واري پ??غا?? تي ??ندس ٿورا مڃيا. هن چيو ??ه پاڪستان جا فلسطين سان تاريخي ۽ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان تسلسل سان فلسطين مسئلي جي گڏيل قومن، او آءِ سي سميت سمورن عالمي فورمن تي ??مايت جاري رکي آهي. وزيراعظم 7 آڪٽوبر 2023ع کان غزه ۾ تسلسل سان جاري تازي اسرائيلي ڏاڍ جي مذمت ڪندي چيو ??ه بهادر ۽ معصوم فلسطينين تي ??هو اسرائيلي ڏاڍ فوري طور تي ??ند ٿيڻ گهرجي. هن 17 هزار ٻارن سميت 32 هزار فلسطينين ج?? بي رحماڻي موت تي ??عزيت جو اظهار ڪيو ۽ اسرائيلي فورسز جي ظالماڻي ڪاررواين سان 70 هزار زخمين ج?? جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. وزيراعظم انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڏکڻ آفريقا پاران ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ان فورم تي فلسطين ج?? حمايت ۾ پاڪستان پاران ڏنل بيان ج?? حوالو ڏنو. گڏيل قومن پاران گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل پاران منظور ڪيل جنگبندي جي قرارداد جي آجيان ڪندي اسرائيل پاران ان قرارداد کي ??ظر??نداز ڪرڻ جي اسرائيلي رويي تي ناپسنديدگي جو اظهار ڪندي چيو ??ه ان قرارداد جي باوجود اسرائيلي ڏاڍ جاري اهي. هن فلسطيني سفير کي يقين ڏياريو ??هي ته پاڪستان هر عالمي فورم تي فلسطيني عوام سان يڪجهتي ??ي لاءِ آواز اٿاريندو رهندو. پاڪستان غزه جي عوام جي لاءِ امدادي سامان ج??ن 7 قسطون موڪليون آهن جڏهن ته وڌيڪ هڪ عيد کانپوءِ موڪلي ويندي. فلسطيني سفير وزيراعظم ۽ پاڪستان ج?? عوام پاران فلسطين ج?? عوام جي مدد تي ٿورا مڃيندي چيو ??ه مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ان سان فلسطينين ج?? حوصلو بلند ٿيو ??هي.
پاڪستان هر عالمي فورم تي فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي لاءِ آواز اٿاريندو رهندو، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي فلسطيني سفير کي خاطري
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena