اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته هر عورت کي ڪم جي جاءِ تي تحفظ فراهم ڪرڻ اسان جو فرض آهي، ڪ?? به معاشرو ان وقت تائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين 50 سيڪڙو عورتن جي شموليت نه هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ عورتن کي حراسان ڪرڻ خلاف رٿابندي وزارت جي قائم ڪيل ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ۾ رٿابندي وارو سيڪ??يٽ??ي ۽ وزارت جي سمورن عورتن شرڪت ڪئي. پروفيسر احسن اقبال هر عورت کي ڪم جي جاءِ تي تحفظ فراهم ڪرڻ اسان جو فرض آهي، اسان حڪومت ۾ ايندي عورتن کي ق??مي ترقي ۾ شموليت وڌائڻ لاءِ جينڊر يونٽ قائم ڪيو ته جئين عورتون آفيسن ۾ تحفظ جي احساس سان ڪم ڪري سگهن ۽ رٿابندي وزارت عورتن کي پنهنجي لاءِ ڪم ڪرڻ جي محفوظ ترين جاءِ لڳي. هن چيو ته نياڻين لاءِ بهترين ڊي ڪيئر بڻايو ته جيئن ذهني سڪون سان ڪم ڪن. هن جو چوڻ هو ته ڪ?? به معاشرو ان وقت تائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين 50 سيڪڙو عورتن جي شموليت نه هوندي، منهنجي پوري ڪوشش آهي ته رٿابندي وزارت کي عورتن لاءِ رول ماڊل بڻايو وڃي. هتي ڪنهن عورت سان امتيازي سلوڪ نه هوندو. اجلاس ۾ موجود رٿابندي وزارت جي سمورين عورت آفيسرن ۽ اهلڪارن وفاقي وزي?? سان پنهنجي خيالن جو اظهار به ڪيو.
عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ