اسلام آباد-27 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا دنيا ۾ بي مثال آهن، ٻنهي ملڪن جي د??ستي نه صرف حڪومتي سطح جي آهي پر عوامي سطح تي پڻ آهن، چين هميشه ۽ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو غير مشروط ساٿ ڏنو، 75 سالن ۾ جيڪي ڪاميابيون ماڻيون آهن اه?? ڌرتيءَ تي مثال آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه چائينا ميڊيا گروپ طرفان چين جي قومي ڏهاڙي جي مناسبت سان پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ شاندا?? ثقافتي تقريب کي خطاب دوران ڪي??. پروفيسر احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا دنيا ۾ ٻن ملڪن وچ ۾ اهي مثالي لاڳاپا آهن جن ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ ناهي، اها دوستي نه صرف حڪومتي سطح جي آهي پر عوامي سطح جي پڻ آهي. هن چيو ته چين هميشه ۽ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو غير مشروط ساٿ ڏنو. سندس چوڻ هو ته چين چئن ڏهاڪن ۾ 80 ڪروڙ عوام کي غربت مان نجات ڏياري هڪ منفرد مثال قائم ڪي??. هن چيو ته پاڪستان چين وانگر پنهنجين پاليسين ۾ تسلسل پيدا ڪري ۽ سڌارا متعارف ڪرائي ترقيءَ جي سفر تي گامزن ٿي سگهي ٿو. قومي ثقافت ۽ ورثي بابت اڳوڻي وفاقي وزير سيد جمال شاهه چيو ته چين پنهنجي نوجوانن تي خاص ڌيان ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ هو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ بيحد ڪامياب آهن. اڳوڻي سفير حسن جاويد چيني عوام کي سندن ڏهاڙي جون مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته دنيا جي تاريخ ۾ اهڙي ترقي جو مثال نٿو ملي جيڪو چين 40 سالن ۾ حاصل ڪي??. تقريب دوران توانائي وارو وفاقي وزير سردار اويس لغاري، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ۽ آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه وڊيو پيغام ۾ چيني عوام کي سندن قومي ڏهاڙي تي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪي??. تقريب دوران سي جي ٽي اين اردو طرفان تيار ڪي?? ڊاڪيومينٽري پڻ پيش ڪئي جنهن ۾ چين جي سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ کي اجاگر ڪي?? ويو. تقريب ۾ پاڪستان جي چئني صوبن جا ثقافتي رقص ڪيا ويا، جڏهن ته وڻندڙ چيني ثقافتي رقص جو مظاهرو پڻ ڪي?? ويو. تقريب جي پڄاڻي گلوڪاره ڊاڪٽر مبشره حفيظ طرفان پيش ڪي?? موسيقيءَ تي ٿيو، جنهن سان شرڪت ڪندڙ لطف اندوز ٿيا.
پاڪ چين لاڳاپا دنيا ۾ بي مثال آهن: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن