اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قوم جي ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ ۽ ذهني ص??ت جي سهولتن کي وڌائڻ جي لاءِ ڀرپور عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان گڏجي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششن جي ذريعي هڪ صحتمند قوم جي تعمير ڪري سگهون ٿا. اها ڳالهه هن ذهني ص??ت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. صدر چي?? ته اڄ اسان ذهني صحت بابت بيداري ۽ ضرورتمندن کي مشاورت ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي ضرورت لاءِ دماغي ص??ت جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، هن سال جو موضوع ”ڪم تي ذهني صحت“ ڪم جي صحتمند ماحول پيدا ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو جيڪو ذهني ص??ت جي حفاظت ۽ مدد ??ري ٿو. هن چي?? ته ص??ت جي عالمي اداري موجب دنيا جي اٽڪل 60 سيڪڙو آبادي ??فر??دي قوت ۾ شامل آهي، ان لاءِ ڪم جي جڳهه تي ذهني صحت تي ڌيان ڏيڻ اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ضروري ٿي ويو آهي. صدر چي?? ته ڪم جي جڳهه هراسمينٽ ڪرڻ ۽ ڪم جون خراب حالتون نه رڳو پورهيتن جي ذهني صحت کي متاثر ڪن ٿيون پر پيداواري صلاحيت ۾ پڻ گهٽتائي جو سبب بڻجن ٿيون. تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته آجر ۽ ٻيون ڌريون ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ ۽ پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ هڪ صحتمند ۽ سازگار ڪم جو ماحول ٺاهين. هن چي?? ته پاڪستان ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ هِن نيشنل مينٽل هيلٿ هيلپ لائين (1166) جي شروعات ڪئي آهي جيڪو پهچ جوڳي مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ اسان جي عزم کي واضح ڪري ٿو. صدر چي?? ته اها هيلپ لائين ماڻهن کي ضروري خدمتن بشمول مقامي علاج جي سهولتن ۽ سپورٽ نيٽ ورڪ سان ڳنڍي ٿي. وڌيڪ اه?? ته پاڪستان کي اهڙو پهريون ملڪ هجڻ تي فخر آهي جنهن بنيادي ص??ت جي سارسنڀال ۽ ڪميونٽي ٻنهي سطحن تي ذهني صحت سميت ضروري ص??ت جي خدمتن جي لاءِ پئڪيج تيار ڪيو آهي. هن چي?? ته ٻين اهم قدمن ۾ ذهني ص??ت جي لاءِ هڪ قومي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ شامل آهي جيڪو نگراني فراهم ڪري ٿو، ذهني تندرستي کي فروغ ڏيڻ ۽ ذهني مرضن کان متاثر ماڻهن جي بهتر سارسنڀال ۽ انساني حقن جي وڪالت ڪري ٿو. صدر آصف علي زرداري چي?? ته اسان مسئلي جو جلد پتو لڳائڻ جي لاءِ ذهني ص??ت جي تعليم کي پڻ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي تربيتي نصاب ۾ شامل ڪيو آهي. هن چي?? ته اسان پنهنجي قوم جي ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ ۽ ذهني ص??ت جي سهولتن کي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. صدر پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چي?? ته ان ڏينهن هر هڪ کي صحتمند طرز زندگي اختيار ڪرڻ، پنهنجي پيارن سان ڳنڍي رکڻ ۽ ڇڪتاڻ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ باقاعده جسماني سرگرمي ۾ مشغول رهڻ جي ترغيب ڏي ٿو. هن چي?? ته اسان گڏجي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششن جي ذريعي هڪ صحتمند قوم جي تعمير ڪري سگهون ٿا.
صدر پاران قوم جي ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ ۽ ذهني صحت جي سهولتن کي وڌائڻ جي لاءِ ڀرپور عزم جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ