اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي 30 کان 31 آڪٽوبر تائين قطر جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پ??ران جاري بيان موجب وزيراعظم دوحه ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، وزيراعظم/ پرڏيهي معاملن واري وزير محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻئي ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺنديون ۽ خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون جا نوان موقعا ڳولينديون. قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي ۽ قطر بزن?? مين ايسوسيئيشن جي قائداڻي سطح جا وفد وزيراعظم سان پ??ڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي لاءِ ملاقات ڪندا. وزيراعظم 31 آڪٽوبر تي ثقافتي نمائش ”منظر: آر?? اينڊ آرڪيٽيڪچر پاڪستان 1940ع کان هيستائين“ جو افتتاح پڻ ڪندو. اها نمائش پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ۽ تعميري ورثي جي نمائش ڪندي ۽ پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ عوام سان عوام جي گهري راب??ن کي اجاگر ڪندي.
وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي 30 کان 31 آڪٽوبر تائين قطر جو سرڪاري دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے