اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر سان تازي ملاقات کي انتهائي لاڀائتو قرار ڏيندي چيو آ??ي ته گڏيل عرب امارات پاڪستان پاران 2 ارب آمريڪي ڊالرز جي ادائيگي جيڪا هن سال جنوري ۾ واجب الادا هئي، کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آ??ي جيڪو اسان جي معيشت لاءِ انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي و??يراعظم تازو ئي رحيم يار خان ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زيد النهيان سان ٿيندڙ پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته گڏيل عربا مارات پاڪستان پاران 2 ارب آمريڪي ڊالرز جي ادائيگي جيڪا هن سال جنوري ۾ واجب الادا هئي، کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آ??ي جيڪو اسان جي معيشت جي لاءِ انتهائي خوش آئنده آهي. هن چيو ته يو اي اي جي صدر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آ??ي. وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب امارات جي صدر پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي ڀائراڻي تاريخي لاڳاپن کي انتهائي اهم قرار ڏنو. ڪابينا روينيو ڊويزن جي سفارش تي فيڊرل بورڊ آف روينيو جي انفراسٽرڪچر کي پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ (پيڪا) 2016ع تحت ڪريٽيڪل انفراسٽرڪچر قرار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان قدم جو مقصد فيڊرل بورڊ آف روينيو جي انتهائي حساس ڊيٽا کي سائبر حملن جهڙوڪ بئنڪنگ ۽ ڪنهن به غيرقانوني مداخلت کان بچائڻ آهي، ان قدم سان ايف بي آر جي حساس ڊيٽا وڌيڪ محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي ڪابينا هوابازي ڊويزن جي سفارش تي عالمي ايئرلائينز فلائي دبئي جي لاهور ۽ اسلام آباد کان دبئي ۽ دبئي کان لاهور ۽ اسلام آباد اڏامن ??ي هفتيوار فريڪوئينسيز جي عارضي اجازت نامي ۾ 4 جنوري 2025ع کان 3 فيبروري 2025ع تائين توسيع جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا کي سامونڊي معاملن واري و??ارت پاران 11 وفاقي و??ارتن/ ڊويزنز جي گوادر بندرگاهه تان مارچ 2024ع کان هيستائين جي دوران پبلڪ سيڪٽر درآمدات ۽ برآمدات تي بريفنگ ڏني و??ي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورين لاڳاپيل وزارتن جي رپورٽس کي بريفنگ جو حصو بڻائي هڪ جامع رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته درآمدات ۽ برآمدات ۾ ڪنهن به قسم جي فرق کانسواءِ پبلڪ سيڪٽر جي سموري درآمدات ۽ برآمدات جو 60 سيڪڙو حصو گوادر بندرگاهه تان ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشنز واري و??ارت پاران وفاقي و??ارتن ۽ ڊويزنز ۾ اي – آفيس لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني و??ي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پهريون ڀيرو حڪومت پاران اي – آفيس کي ان وڏي پئماني تي لاڳو ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پهرين جنوري 2025ع کان سمورين وفاقي و??ارتن ۽ ڊويزن جي وچ ۾ رابطي جي لاءِ ڪاغذ جو استعمال ختم ڪيو ويو ۽ سموري فائيلز موومينٽ ۽ ٻي لکپڙهه لاءِ رڳو اي – آفيس استعمال ڪئي پئي وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 21 وزارتن/ ڊويزن ۾ اي – آفيس سئو سيڪڙو لاڳو ڪئي و??ي آهي، اي – آفيس لاڳو ڪرڻ سان نه رڳو وقت جي بچت ٿيندي پر اسٽيشنري ۽ پيٽرول جي مد ۾ قومي خزاني کي فائدو پڻ پهچندو، اي – آفيس لاڳو ڪرڻ سان وزيراعظم آفيس ۾ سمري جي پراسيسنگ جو وقت هاڻي وڌ کان وڌ رڳو ٽن ڏينهن تائين ٿي چڪو آ??ي. وفاقي ڪابينا، ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي لاءِ ري فربشڊ ڪروم بڪس جي خريداري/ حاصل ڪرڻ کي پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس جي سيڪشن 21 اي تحت ڇوٽ ڏني و??ي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان ڪروم بڪس جي خريداري جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ لازمي ڪرائي وڃي. وفاقي ڪابينا سيڙپڪاري بورڊ ۽ شينڊونگ روئي گروپ چائنا جي وچ ۾ ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪرڻ جي حوالي سان تعاون جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا پرڏيهي و??ارت جي سفارش تي ڊپلوميٽڪ اڪيڊمي، جمهوريه سربيا جي پرڏيهي و??ارت ۽ سروس اڪيڊمي، اسلامي جمهوريه پاڪستان جي پرڏيهي و??ارت جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا کي پرائيويٽ حج آپريٽرز ڪورٽ ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جون سفارشون پيش ڪيون ويون. ڪميٽي سفارش ڪئي ته حج 2025ع جا انتظام موجوده 46 منتظمين ڪندا. ڪميٽي وڌيڪ سفارش ڪئي آهي ته ايندڙ سالن جي لاءِ نئين حج پاليسي ٺاهي وڃي. وفاقي ڪابينا ڄاڻايل ڪميٽي جون سفارشون منظور ڪري و??تيون. ڪابينا هدايت ڪئي ته پرائيويٽ حج آپريٽرز جي حوالي سان سمورن ڪورٽ ڪيسز کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي حوالي سان قدم کنيا وڃن. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 31 ڊسمبر 2024ع ۽ پهرين جنوري 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي انفراسٽرڪچر کي ڪريٽيڪل انفراسٽرڪچر قرار ڏيڻ جي منظوري
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا