گڏيل قومون- 06 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي ٻارن ۽ هٿياربند ٽڪراءُ جي موضوع تي والاريل فلسطين ۽ ڀارت جي ??ير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ٻارن جي ??الت جو ذڪر نه ڪرڻ تي گڏيل قومن کي تنقيد ??و نشانو بڻايو ۽ ان کي رپورٽ ۾ واضح نظر ايندڙ بي ضابطگي ۽ ڪوڙ قرار ڏنو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سلامتي ڪائونسل جي ??جلاس ۾ پرڏيهي قبضي وارن علائقن ۾ ٻارن جي ??ي پناهه تڪليفن کي اجاگر ڪندي چيو ته هو خوفناڪ تجربن جو شڪار آهن تنهن ڪري گڏيل قومن جي ??يڪريٽري جنرل جي ??سپيشل ري پريزنٽيٽو فار چلڊرن اينڊ ??رمڊ ڪانفلڪٽ ورجينيا گيمبا طرفان جاري ڪيل سالياني رپورٽ ۾ سڀني کان واضح نظر ايندڙ بي ضابطگي هي آهي ته هڪ طرف اسرائيل جي ??رفان فلسطين ۽ ٻئي طرف ڀارت جي ??ير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ غير ملڪي ڏاڍ جي ??التن کي رپورٽ ۾ داخل نه ڪيو ويو آهي ۽ کين فري پاس ڏنو ويو آهي. پاڪستاني نمائندي منير اڪرم چيو ته حقيقت اها آهي ته دنيا ۾ هر 6 مان هڪ ٻار تڪرارن ۽ جنگين کان متاثر علائقن ۾ رهي ٿو جنهن جي ??حفظ، ڀلائي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ??رورت آهي. هن ڀارت جي ??ير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ٻارن تي ڀارتي قابض فوج جي ??ٻاءُ جو ذڪر ڪندي چيو ته ڪشميري ٻارن جي هڪ پوري نسل بيان نه ٿيڻ جوڳي خوف،تشدد ۽ ڏاڍ جي ماحول ۾ وڌي ويجهي ٿي جنهن ۾ ڀارت طرفان 5 آگسٽ 2019ع تي علائقي جي ??صوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته اسان کي هاڻي به هڪ ٽن سالن جي ڪشميري ڇوڪري جي ??ها تصوير ياد آهي جيڪا ڀارتي فوج جي هٿان ماريل ڏاڏي جي لاش وٽ صدمي ۾ ويٺل آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته هڪ اندازي موجب 13 هزار ڪشمير ٻارن ۽ نوجوانن کي ڀارت جي 9 لک قابض فوج يرغمال بڻائي رکيو آهي جڏهن ته هزارين معصوم ڪشميري پنهنجي ??ودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ جي ??دوجهد دوران تلاشي جي ڪاررواين ۾ شهيد ٿيا آهن. هن چيو ته پاڪستان 2022ع جنگي ڏوهن جي 3432 ڪيسن جو هڪ ڊوزيئر جاري ڪيو، جن جو ارتڪاب ڀارت جي ??ينئر آفيسرن ڪيو، هن خصوصي نمائندي تي زور ڀريو ته هو ڀارت کان 30 هزار مغوي نوجوانن جي ??زادي جو مطالبو ڪري. پاڪستاني نمائندي چيو ته سيڪريٽري جنرل جي ??ازي ترين رپورٽ تي ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو اهڙن قدمن تي عملدرآمد ڪري، جنهن ۾ ٻارن تي موذي طاقت جي ??ستعمال تي پابندي، پيلٽ گن جي ??ستعمال کي ختم ڪرڻ ۽ ٻارن سان هر قسم جي ناروا سلوڪ، نظربندي کي روڪڻ ۽ ٻارن کي جنسي ڏوهن کان تحفظ شامل آهي.پاڪستاني نمائندي منير اڪرم چيو ته پاڪستان ٻارن جي ??قن جي ڪنوينشن جي ??روعاتي صحيح ڪندڙن مان هڪ جي ??ور تي، ڪنوينشن تحت پنهنجي ??ميوارين کي مڪمل طور تي نڀائي رهيو آهي، هن چيو ته سيڪيورٽي حالتن ۾ ٻارن جي ??حفظ لاءِ وڏي پئماني تي قانوني، پاليسي ۽ آپريشنل قدم کنيا ويا آهن.
پاڪستان پاران گڏيل قومن جي ٻارن ۽ هٿياربند ٽڪراءُ جي موضوع تي رپورٽ ۾ ڪشميري ۽ فلسطيني ٻارن جي حالت جو ذڪر نه ڪرڻ تي گڏيل قومن تي تنقيد
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ