اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ج?? وزيراعظم عمران خان وزيراعظم هائوس کي تعليمي اداري ۾ تبديل ڪرڻ، گاڏيون نيلام ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ قرضن ۾ ٻڏل آهي ۽ حڪمران بادشاهن واري زندگي گذاريندا رهيا، ملڪ جو قرض 28 هزار ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، آ??ون عوام کي ٻڌائيندس ته ايترو پئسو ڪيڏانهن ويو، وزيراعظم هائوس کي تعليمي ادارو بڻايو ويندو، گورنر هائوسز، وزيراعليٰ هائوسز ۽ ريسٽ هائوس?? ۾ ??وام جو پئسو خرچ ڪيو وڃي ٿو اتي سادگي اختيار ڪئي ويندي، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ تي پاڻ سخت نظر رکندس، گهرو وزارت مون وٽ هوندي، سرڪاري ملازمن ج?? لا??ِ جزا ۽ سزا جو قانون لاڳو ڪيو ويندو، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جي ترقي لا??ِ هٿ ونڊرائين، چيف جسٽس بيواهن جا ڪيس ترجيحي بنيادن تي ٻڌي، پوليس ۾ سڌارا آندا ويندا، ملڪ ۾ بچت جي لا??ِ ڊاڪٽر عشرت حسين ج?? سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي ويندي. ??وم کي پنهنجي پهرين خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ آ??ون پنهنجي پهرين سڀني ڪارڪنن جا ٿورا مڃيان ٿو جيڪي 22 سال اڳ هن تحريڪ ۽ هن ج??اد ۾ مون سان گڏ هئا، سياست ٻن قسمن ج?? هوندي آهي هڪ ۾ پنهنجو ڪيريئر ٺاهيو وڃي ٿو ۽ ٻيون منهنجو رول ماڊل قائداعظم محمد علي جناح هو جيڪو هڪ مشن ج?? لا??ِ سياست ڪندو هو جيڪو اسان ج?? نبي حضرت محمد صه مديني شريف جي رياست ۾ اچي هڪ مشن طور دنيا جي تاريخ ۾ انقلاب کڻي آيو.
ملڪ ۾ سادگي اختيار ڪئي ويندي، قرض جو بار وڌي ويو آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد