اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات وار?? مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته صحافين ميڊيا ورڪرز جي پگهارن، نوڪرين جي تحفظ، فيڪ نيوز ۽ ويج بورڊ کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽنداسين، صحافت جي آزادي ڪ??هن جي منافعي ڪ??ائڻ يا ڪنهن جي تحفظ جو نالو نه آهي، قانون اهو هوندو آهي جيڪو ايڪٽ پارليامينٽ هجي يا آرڊيننس جي ذريعي اچي، پي ايم ڊي اي فريم روڪ اڃان مشاورت جي عمل ۾ آهي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشر??ات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏئي رهيو هو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد ڪئي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته صحافين جي تحفظ جو بل قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميتي ۾ ٽن مهينن کان رڪيل آهي، 18 هين ترميم کانپوءِ امن امان جو معاملو صوبائي آهي، عزيز ميمڻ، اجي لالواڻي جي ڪ??سن ۾ ڇا ٿيو؟ هن چيو ته ميڊيا کي اشتهارن جي مد ۾ هڪ ارب 70 ڪروڙ جي ادائيگي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ اسٽيڪ هولڊرز پيمرا، آءِ ٽي اين اي، پريس ڪائونسل کي مضبوط بڻائڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، پي ايم ڊي اي ۾ اهو سڀ ڪجهه موجود آهي، اجلاس ۾ پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پي ايف يو جي ۽ صحافتي تنظيمن جي عهديدارن پي ايم ڊي اي بابت تجويزون پيش ڪيون.
صحافت جي آزادي ڪنهن جي منافعي ڪمائڻ يا ڪنهن جي تحفظ جو نالو نه آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha