اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم ش??هه محمود قريشي آهي ته موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان آبي وسيلن جي دستيابي ۾ کوٽ وارن ملڪن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو، پاڪستان ارجنٽائن جي وچ ۾ گذريل 70 سالن ۾ ٻطرفا لاڳا??ا وڌيڪ وسيع ٿيڻ (موثر هجڻ جو) گڏيل اعتماد، احترام ۽ تعاون جو مظهر آهن. اهي ڳالهيون هن پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي وڻڪاري مهم جي ??قر??ب کي خطاب ڪندي ڪيون. پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي پرڏيهي وزير مخدوم ش??هه محمود قريشي ۽ ارجنٽائن جي سفير ليپولڊو فرانسسڪو ساهورس ارجنٽائن پارڪ ۾ منعقد ??قر??ب ۾ يادگاري ٻوٽا لڳايا. ??قر??ب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ گذريل 70 سالن ۾ ٻطرفا لاڳا??ا وڌيڪ مضبوط هجڻ جو گڏيل اعتماد، احترام ۽ تعاون جو مظهر آهن. پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اداره جاتي ميڪنزم جو ڪ??دا?? انتهائي اهم آه. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وا??ار جي فروغ لاءِ گڏيل ڪميشن موجود آهي، 20 مئي 2021ع تي منعقد ٿيندڙ اسان جي آخري گڏجاڻي دوران اسان زراعت، دواسازي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي شعبن تي گڏيل ورڪنگ گروپ بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن مستقبل ۾ وا??اري ۽ معاشي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي. مخدوم ش??هه محمود قريشي چيو ته هڪ گڏيل ڪاروباري ڪائونسل به بزنس ٽو بزنس انٽريڪشن وڌائڻ جي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت باقاعدگي سان ٿيندي آهي، مخدوم ش??هه محمود قريشي چيو ته اسان جي پارليامينٽ ۾ پاڪستان، ارجنٽائن فرينڊشپ گرپس جي موجودگي ٻطرفي پارليااني لاڳاپن جي استحڪام جي علامت آهي، پرڏيهي وزير چيو ته برطانوي وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجي ??قر??ر ۾ وزيراعظم عمران خان جي ”ٽين ملين سونامي ٽري“ منصوبي کي ساراهيو. موسمياتي تبديلين جي ڪري خطرو ان ڳالهه جو آهي ته پاڪستان وسيع آبي وسيلا رکندڙ ملڪ مان، آبي وسيلن جي دستيابي ۾ کوٽ وارن ملڪن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. انهن حالتن ۾ وڻڪاري جو فروغ ئي اهم حڪمت عملي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته 4 ڊسمبر تي اسان لاهور ۾ پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ ”پولو ميچ“ جو انعقاد ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۾ ارجنٽائن جي سفير به ??قر??ب کي خطاب ڪيو ۽ گذريل ست ڏهاڪن ۾ وڌندڙ ٻطرفي سفارتي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي کين وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان آبي وسيلن جي دستيابي ۾ کوٽ وارن ملڪن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو: پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina