اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) محمد شهباز شريف ملڪ جي نئين وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو، نئين چونڊيل وزيراعظم جي حلف برداري ??ي پروقار تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، وقتي صدر، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي محمد شهباز شريف کان وزارت عظميٰ جي عهدي ج?? حلف ورتو. حلف برداري ??ي تقريب ۾ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن، سياسي اڳواڻن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ان کان اڳ قومي اسيمبلي ڪالهه سومر ڏينهن ئي محمد شهباز شريف جي 174 ووٽن سان ملڪ جي نئين وزيراعظم جي حيثيت سان چونڊ ڪئي هئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جو صدر آهي ۽ پاڪستان جو ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ محمد نواز شريف جو ننڍو ڀاءُ آهي. شهباز شريف ڪاروباري ??اندان سان تعلق رکي ٿو. هن گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان گريجوئيشن ڪئي. عملي سياست ۾ سندس ڪيريئر تمام شاندار اهي، جيڪو چار ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، سندس عوامي خدمتن جو ڪيريئر 1985ع ۾ بطور صدر لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کان شروع ٿيو. پنهنجي وڏي ڀاءُ نواز شريف جي پيروي ڪندي عملي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. پهريون ڀيرو 1988ع ۾ پنجاب اسيمبلي ج?? ميمبر چونڊيو، ان اسيمبلي کي مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي 1990ع ۾ تحليل ڪيو ويو. 93 – 1990ع دوران قومي اسيمبلي ج?? ميمبر چونڊيو، 1993ع ۾ پنجاب اسيمبلي ج?? ميمبر بڻيو ۽ 1996ع تائين مخالف ڌر اڳواڻ رهيو. 1997ع ۾ ٽيون ڀيرو پنجاب اسيمبلي ج?? ميمبر بڻيو ۽ وڏو وزير چونڊيو. اها به اسيمبلي 1999ع ۾ تحليل ڪئي وئي. پنجاب حڪومت پي ايم ا??ل اين جي مرڪزي حڪومت سان گڏ ئي ختم ڪئي وئي. ان کي قيد ڪيو ويو ۽ بعد ۾ جبري ??لاوطن ڪيو ويو. محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. 2008ع ۾ چوٿون ڀيرو بنا مقابلي پنجاب اسيمبلي ج?? ميمبر چونڊيو ۽ 8 جون 2008ع کان 26 مارچ 2013ع تائين ٻيون ڀيرو پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. مئي 2013ع جي عام چونڊن ۾ سندس پارٽي پي ايم ا??ل اين وڏي مينڊيٽ سان ٻيهر اقتدار ۾ آئي. هو صوبائي اسيمبلي ج?? ٽن سيٽن (پي پي 159، پي پي 161، پي پي 247) ۽ (اين اي 129) جي هڪ قومي سيٽ تي ڪامياب قرار ڏنو ويو. جڏهن ته هن پي پي 159 جي سيٽ برقرار رکي، نتيجي طور هو ٽيون ڀيرو رڪارڊ حيثيت ۾ پنجاب جو وڏو وزير چونڊيو. شهباز شريف 2018ع ۾ قومي اسيمبلي ميمبر چونڊيو. هن عمران خان جي مقابلي ۾ وزيراعظم جي چونڊ پڻ وڙهي، عمران خان 176 ووٽ کڻي وزيراعظم چونڊيو هو، شهباز شريف کي 96 ووٽ مليا. جنهن کانپوءِ شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ نامزد ٿيو. شهباز شريف هڪ متحرڪ ليڊر آهي ج??ڪو پنهنجي مضبوط ۽ بهترين ايڊمنسٽريشن جي ڪري ??ڃاتو وڃي ٿو. کيس متحده اپوزيشن عمران خان جي خلاف بي اعتمادي ج?? رٿ جي ڪاميابي کانپوءِ وزارت عظميٰ جو اميدوار نامزد ڪيو، نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف جو پٽ حمزه شهباز پنجاب اسيمبلي ج?? ميمبر آهي ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جو اميدوار آهي.
محمد شهباز شريف ملڪ جي نئين وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج