ملتان – 03 – آگسٽ (اي پي پي) زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ عورتن چيو آهي ته پاڪستان جو هر شخص ڪشميرين سان گڏ شيهي جي دي??ار وانگر گڏ بيٺل آهي، جهڙي طرح 5 آگسٽ تي ڀارت والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ??ري ڄمون ۽ ڪشمي?? کي ڀارت جو حصو بڻايو، اهو افسوسناڪ آهي، هڪ ڏينهن ايندو ته ڪشمير آزاد ٿي پاڪستان ۾ شامل ٿيندو. اي پي پي سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي عورت شعبي جي نگران شمائله رفيق چيو ته ڀارت ڪشمي?? کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ظالماڻا حربا استعمال ??ري رهيو آهي پر 9 لک ڀارتي فوج ڪشميرين جي جهاد جي جذبي ۽ شهادت جي شوق کي ٿڌو نه ٿي ??ري سگهي، 1947ع کان هيستائين هڪ لک 40 هزار ڪشميري شهيد جڏهن ته 70 هزار جيلن ۾ بند آهن. شق سي 370 جي تحت ڪشمير جي خودمختيار حيثيت ختم ??ري ٽن سالن تي ٻڌل بدترين لاڪ ڊائون جي ذريعي ڪشميري مسلمانن جي مڪمل نسل ڪشيءَ جي منصوبابندي سان گڏ مسلمان آبادي جي تناسب کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ٽن سالن کان جاري لاڪ ڊائون ۽ ٻين ظالماڻن حربن جي باوجود ڪشميري اڄ به پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ??ري رهيا آهن. ڪشمير جي لاءِ اسان 4 جنگيون وڙهيون آهن، جوانن جون شهادتون پيش ڪيون آهن ۽ ڪشمير آزاد ٿيندو، پاڪستاني قوم ڪشمير جي آزادي لاءِ ڪشميرين سان گڏ آهي.
پاڪستان جو هر شخص ڪشميرين سان گڏ شيهي جي ديوار وانگر گڏ بيٺل آهي: زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ عورتون
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil