اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيد ميلادالنبي ﷺ ??ي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي ??ي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر سزائن ۾ گهٽتائي ??ي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 ت??ت ڏني آهي. سزائن ۾ گهٽتائي سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ سزا يافته قيدين تي لاڳو نه هوندي. قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين، زنا، چوري، ڦر، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين تي سزائن ۾ گهٽتائي جو فيصلو لاڳو نه هوندو. اهڙي طرح مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين جي سزائن ۾ به گهٽتائي ن?? ٿيندي. ايوان صدر جي پڌرائي موجب 65 سالن کان وڌيڪ عمر ??ي مرد قيدي جيڪي پنهنجي قيد جو ٽيون حصو ڪاٽي چ??ا آهن ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جُون قيدي عورتُون جيڪي قيد جو ٽيون حصو ڪاٽي چڪيون آهن انهن تي سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر جا ماڻهو جيڪي پنهنجي سزا جو ٽيون حصو ڪاٽي چ??ا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي.
صدر پاران عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے