لاڙڪاڻو- 30 نومبر (اي پي پي) ٿائلينڊ جو وفد ٻوڏ متاثرن جي واهر لاءِ قمبر پهتو جتي وفد ۾ شامل اس??ام?? ڪائونسل جي اڳواڻن علي جان، فواد ۽ ٻين ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي رقم ورهائي کين هر ممڪن سهڪار ??ي خاطري ڪرائي. ڪوٺايل تقريب ۾ ايم پي اي معظم علي عباسي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي معزز?? شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفد ۾ شامل اڳواڻن علي جان، فواد ۽ چيو ته ??ڄ اس??ام?? ڪائونسل طرفان شيخ الاسلام ۽ اس??ام?? سينٽر جي سهڪار ??ان گڏ ڪيل امدادي رقم قمبر ضلعي جي ٻوڏ متاثرن ۾ ورهائي جنهن سان سندن مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي. هنن چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ هي رقم ڪافي ناهي پر اسين متاثر ماڻهن جي خدمت جي جي جذبي تحت هتي آيا آهيون جيئن انهن جي وڌ کان وڌ واهر ڪري سگهون. هنن چيو ته ٻوڏ متاثر اسان جا ڀائر آهن انهن جي مستقبل ۾ به واهر ڪئي ويندي اڄ جن متاثرن کي مالي امداد ملي آهي اميد ته ??نهن جا ڪيترائي مسئلا حل ٿيندا. ان موقعي تي معظم علي عباسي ??يو ته ٿائلينڊ جي وفد طرفان ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪرڻ سٺو عمل آهي پر ان کان وڌيڪ انهن جي واهر ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي وارو ڪم شروع ڪري انهن جي مالي مدد ڪري جيئن هو پنهنجي خاندانن سان خوشحال زندگي گذاري سگهن. ان حوالي سان امدادي رقم وصول ڪندڙ ٻوڏ متاثرن چيو ته ??سين ٿائلينڊ جي وفد جا ٿورائتا آهيون جن هن مشڪل گهڙي ۾ اسان جي سار لهي بهتر نموني مالي امداد ڪئي آهي.
ٿائلينڊ جو وفد ٻوڏ متاثرن جي واهر لاءِ قمبر پهتو، ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي رقم ورهائي کين هر ممڪن سهڪار جي خاطري
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria