اسلام آباد -05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪش??ير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن بابت مشير قمر الزمان ڪائره چيو آهي، ته پاڪستاني قوم اڄ سڄي دنيا ۾ يوم يڪجهتي ڪش??ير ملهائي رهي آهي ته جيئن ڪش??يرين جي حق خوداراديت جي حمايت جو پيغام سڄي دنيا ۾ پهچائي سگهجي. عالمي برادري کي ڪش??ير جي معصوم ماڻهن تي ڀارت جي ظلم ۽ بربريت تي خاموشي ٽوڙڻ گهرجي، اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم نهرو ڪش??يرين سان اهو واعدو ڪيو هو ته هو گڏيل قومن جي ٺهرائن ذريعي ڪش??ير تڪرار حل ڪرائيندو. پرڏيهي وزارت ۽ ڪش??ير گلگت بلتستان جي معاملن واري وزارت جي اهتمام هيٺ گڏيل طور تي منعقد ڪيل يڪجهتي واڪ کي خطاب ڪندي قمر الزمان ڪائره چيو ته پاڪستان ڪش??ير جي شهه رڳ ۽ اڻٽٽ انگ آهي. هن چيو ته يوم يڪجهتي ڪش??ير ملهائڻ جو واحد مقصد عالمي برادر?? جي ضمير کي جهنجهوڙڻ آهي. ڪش??يرين جي حمايت جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ هر شعبي سان تع??ق رکندڙ شخصيتون، شاگرد، صحافي ڪش??يرين جي حق خوداراديت واري مطالب?? جي حمايت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت ڪش??يرين جي آزادي واري جدوجهد کي دٻائڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهيو آهي پر اهو ڪڏهن به پنهنجي ناڪام ايجنڊا ۾ ڪامياب نه ٿيندو، ان موقعي تي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ڪش??ير جي سينئر اڳواڻ غلام محمد صفي ڪش??يرين جي آزادي واري جدوجهد ۾ حمايت ڪرڻ تي پاڪستان ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته عالمي برادري تي زور ڀريو وڃي ته اها مظلوم ڪش??يرين خلاف ڀارت جي ظلم کي روڪڻ لاءِ ان تي دٻاءُ وجهي.
ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ ۽ اڻٽٽ انگ آهي، پوري قوم نسل در نسل ڪشمير ڪاز جي توثيق ۽ تائيد ڪري رهي آهي: قمر الزمان ڪائره
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا